عليحدگي پسند رياست جي وحدت جي خلاف آهن، ماضي کي سمجهڻ بنا بلوچستان جا مسئلا حل نه ٿيندا: سرفراز بگٽي
ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي 16هين نيشنل ورڪشاپ بلوچستان جي شرڪت ڪندڙن سان خطاب ڪندي چيو ته بلوچستان جي مسئلن کي سمجهڻ لاءِ تاريخي شعور ضروري آهي.
هن رياست مخالف عنصرن کي آئيني دائري ۾ ڳالهين جي دعوت ڏني، پر تشدد ڪندڙن سان ڳالهين کي ناممڪن قرار ڏنو.
سرفراز بگٽي جو چوڻ هو ته عليحدگي پسند رياستي وحدت جي خلاف آهن ۽ دهشتگردي ڪنهن به بنياد تي هجي، ناقابلِ قبول آهي.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
هن پائيدار امن لاءِ صوبائي ايڪشن پلان، گورننس ۾ سڌارا، صحت ۽ تعليم ۾ ميرٽ تي ڀرتيون ۽ بدعنواني خلاف قدمن جو ذڪر ڪيو. بلوچستان جي وڏي وزير سوشل ميڊيا تي وائرل جوڙي جي قتل بابت رياستي فرياد ۾ڪيس داخل ڪري شفاف جاچ جو به واعدو ڪيو.