ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي علائقي لياري ۾ عمارت ڪري پَڻ جي ڪيس ۾ گرفتار سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي 8 آفيسرن جي عدالت ضمانت منظور ڪري ڇڏي،ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ايس بي سي اي جي 8 آفيسرن جي ضمانت منظور ڪندي ملزمان کي فيڪس 10-10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو،عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪيس ۾ ڪمزور شقون لاڳو ڪيون ويون آهن، عدالت حڪومت کي حڪم ڏنو ته متاثر ٿيل ماڻهن کي متبادل رھائش فراهم ڪئي وڃي.