اسلام آباد(بيورو) بلوچستان ۾ عورت ۽ مرد جي بي رحماڻي قتل تي سينيٽ ۾ ميمبرن سخت مذمت ڪندي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه سينيٽر ايمل ولي چيو ته غيرت جي نالي تي قتل رڳو هڪ نالو آهي، حقيقت ۾ اصل مسئلو سرداري، وڏيراشاهي، نوابي ۽ موجوده حڪومتي نظام آهي، ڇا پاڪستان ۾ ڪو آئين آهي، ڪو قانون آهي؟ جيڪڏھن آهي ته پوءِ اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي جو هڪ ماڻهو گهر ويٺو فيصلا ڪري ته فلاڻي کي ماريو؟ اسان ته هميشه ٻڌندا آيا آهيون ته قانون جا هٿ ڊگها هوندا آهن، پر لڳي ٿو ته اهي هٿ رڳو پنجاب تائين ڊگها آهن، پنجاب کان ٻاهر قانون جي هٿن کي ميندي لڳي ويندي آهي، هن چيو ته وزيراعليٰ جو ردعمل ڏسو، ايئن ٿو لڳي ته هو ڪو وزيراعليٰ نه پر هڪ جاچ آفيسر آهي، ڇا وزيراعليٰ جو ڪم آهي ته هو ميڊيا تي اچي ٻڌائي ته مقتول جا 5 ٻار هئا؟ اسان سمجهيو ته هو چوندو ته سڀني ظالمن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پر هو ته مقتول جي ذات بابت بيان ڏئي رهيو آهي. ڇا هي وزيراعليٰ جو ڪم آهي؟ ڇا هي بيان انهن زخمين جي مرهم پٽي ڪندو؟ هي واقعو ته رڳو انهن مان هڪ آهي جنهن جي وڊيو سامهون آئي آهي، پر حقيقت ۾ روز اهڙيون وارداتون ٿين ٿيون، جن جي ڪنهن کي خبر به نه پوي ٿي. هر حادثي کان پوءِ اسان رڳو افسوس ظاهر ڪريون ٿا، پر ڪڏهن به نتيجا نٿا نڪرن، چئبو ته پاڪستان جا ڏهه سيڪڙو ماڻهو هٿيارن سان دهشت گردي ڪن ٿا، باقي نوي سيڪڙو ذهني دهشت گرد آهن، اسين ته 50 سالن کان ٻڌندا اچي رهيا آهيون ته هڪ هڪ دهشت گرد کي مارينداسين، پر نتيجو اهو آهي ته دهشت گرد ته ناهن مرندا، پر قوم جي حالت بدتر ٿيندي پئي وڃي، جيڪڏهن اهڙن جوابدارن کي ڊي-چوڪ تي لٽڪايو وڃي ته پوءِ ڏسو ڪو اهڙو فيصلو ڪندو؟ سينيٽر زرقا سهروردي چيو ته هن سانحي تي انساني حقن واريون تنظيمون خاموش آهن، اڃا تائين آواز ناهي اٿاريو، سينيٽر شيري رحمان چيو ته اهو غيرت جو نه پر بي غيرتي جو قتل آهي، هن واقعي سان اسان جو ڪنڌ شرم سان جهڪي ويو آهي، سينيٽر عرفان صديقي چيو ته هي واقعو رڳو بلوچستان نه، پر پوري پاڪستان جي عزت تي حملو آهي، جاگيرداري ۽ سرداري نظام خلاف قانون جوڙيو وڃي، سينيٽر علي ظفر چيو ته مان تجويز پيش ڪريان ٿو ته هڪ مهيني اندر جوابدارن کي موت جي سزا ڏني وڃي، سينيٽر خالده طيب چيو آهي ته بلوچستان وارو واقعو انسانيت جي توهين آهي.