ٻارن، نوجوانن، عورتن توڙي مردن جي انتهائي خطرناڪ عام عادت!

سوشل ميڊيا جو استعمال اڄڪلهه ايترو ته وڌي ويو آهي ۽ ماڻهن جي زندگي ۾ جيتري جاءِ سوشل ميڊيا والاري آهي اوتري شايد ڪنهن ٻئي عمل والاري هجي، اڄڪلهه جا ٻار، نوجوان، مرد توڙي عورتون سوشل ميڊيا جو استعمال پنهنجو بنيادي حق سمجهن ٿا ۽ جيڪڏهن ان جي روڪٿام لاءِ ڪو عمل ڪيو وڃي ٿو ته ٻار ته ٿيا ٻار پر نوجوان، مرد توڙي عورتون به انکي پاڻ سان وڏي ناجائزي سمجهن ٿيون.

سوشل ميڊيا جو استعمال ڪجهه فائدن وارو ته آهي پر ڪو به ان جي خطرن طرف ڌيان ئي نٿو ڏئي، خاص ڪري اڄڪلهه ريلز وغيره جي اسڪرولنگ وارو وڌندڙ رجحاڻ انتهائي خطرناڪ آهي.

ان حوالي سان چين ۾ ٿيل هڪ تحقيق مان خبر پئي آهي ته سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيندڙ شارٽ ويڊيوز ماڻهن کي ايتري حد تائين عادي بڻائي ڇڏين ٿيون جنهن سان انهن جي دماغي صحت تي خراب اثر پوي ٿو. طبي ميگزين نيچرز ۽ جرنل نيورو اميج ۾ ڇپيل هن تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شارٽ ويڊيوز هڪ اهڙي خراب عادت بڻجي ويون آهن، جنهن جي ڪري دماغ جون مختلف بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شارٽ ويڊيوز ڏسندڙ ماڻهو فيصلو ڪرڻ جي سگهه ۾ ڪمزور ٿي وڃي ٿو ۽ سدائين ذهني دٻاءُ ۾ رهڻ لڳي ٿو. هن مطالعي دوران 2500 کان وڌيڪ نوجوانن جي صحت جو جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ ٽي گروپ ٺاهيا ويا، هڪ گروپ کي شارٽ ويڊيوز ڏيکاريون ويون، ٻئي کي انهن کان پري رکيو ويو، جڏهن ته ٽئين گروپ کي تمام گهٽ ويڊيوز ڏسڻ ڏنيون ويون.

نتيجن مان خبر پئي ته جنهن گروپ کي شارٽ ويڊيوز ڏسڻ ڏنيون ويون، انهن مان 500 کان وڌيڪ يونيورسٽي جا نوجوان هن عادت جا شڪار بڻيا ۽ انهن جي دماغي صحت ۾ تبديليون اچي ويون. انهن نوجوانن جي دماغ جي انهن حصن ۾ به تبديليون آيون جيڪي مالي فيصلا ۽ حساسيت سان لاڳاپيل آهن. ماهرن ٻڌايو ته شارٽ ويڊيوز جي عادت منشيات يا جوا جي عادت وانگر ماڻهن سان جڙي وڃي ٿي.

ماهرن خبردار ڪيو آهي ته بنا مقصد جي اسڪرين اسڪرول ڪرڻ ۽ شارٽ ويڊيوز ڏسڻ سان دماغ ۾ اهڙيون تبديليون ٿين ٿيون، جنهن سان ماڻهو بغير سوچڻ سمجهڻ جي فيصلا ڪرڻ لڳن ٿا ۽ خطرن جو صحيح اندازو لڳائڻ جي صلاحيت گهٽجي وڃي ٿي. انهن ٻڌايو ته شارٽ ويڊيوز جي عادت سبب صحتمند نوجوان به ڊپريشن جو شڪار ٿي ويا آهن.

جيڪڏهن رڳو چين جي ڳالهه ڪئي وڃي ته اتي 95.5 سيڪڙو انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ روزانو سراسري طور 151 منٽ شارٽ ويڊيوز ڏسي پنهنجي دماغي صحت کي نقصان پهچائي رهيا آهن. تحقيق جي نتيجن جي بنياد تي ماهرن صلاح ڏني آهي ته دماغي صحت کي محفوظ رکڻ لاءِ شارٽ ويڊيوز ڏسڻ جو وقت محدود ڪرڻ ضروري آهي، ان کانسواءِ جسماني سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ۽ اسڪرين ٽائيم کي ڪنٽرول ڪرڻ سان به دماغي صحت تي پوندڙ ناڪاري اثر گهٽ ڪري سگهجن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.