ڪراچي جي شهرين لاءِ خوشخبري، نادرا جي نئين سينٽر جو قيام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) ڪراچي جي شهرين لاءِ نئين سينٽر ۾ خدمتون شروع ڪري ڇڏيون.
نادرا ڪراچي ڏکڻ ضلعي جي شهرين جي ڀرپور سهولت لاءِ ايم اي جناح روڊ تي ڪانڊا والا بلڊنگ جي چوٿين ماڙ تي نئين رجسٽريشن سينٽر ۾ خدمتن جي شروعات ڪئي آهي.
رجسٽريشن سينٽر سان ڏکڻ ضلعي جي شهرين لاءِ سڃاڻپ دستاويزن جي حوالي سان خدمتن تائين پهچ وڌيڪ آسان ٿي ويندي.
رجسٽريشن سينٽر ۾ صبح 8:30 کان شام 4:30 تائين شهرين کي خدمتن جي فراهمي بنا وقفي جاري رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.