شاديءَ کان ڊپ ٿئي ٿو پر ماءُ بڻجڻ چاهيان ٿي: شروتي هاسن

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا، گلوڪارا ۽ ميوزڪ ڪمپوزر شروتي هاسن جو واسطو ڏکڻ ڀارتي فلم انڊسٽريءَ جي اسٽارز ڪٽنب سان آهي.
هوءِ مشهور اداڪار ڪمل هاسن ۽ سندس ٻي زال ساريڪا جي ڌيءَ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اهو سوچڻ سولو آهي ته اداڪارا لاءِ انڊسٽري ۽ ذاتي زندگي ٻنهي کي بيلينس ڪرڻ آسان هوندو، پر ائين نه هو.
انسٽاگرام تي سرگرم ۽ ميڊيا جي لائم لائيٽ کان پري رهندڙ اداڪارا شروتي هاسن تازو پوڊڪاسٽر رنوير الهه اآباديه کي پوڊڪاسٽ انٽرويو ڏنو آهي.
انٽرويو دوران اداڪارا پهريون ڀيرو پنهنجي ذاتي زندگي ۽ پروفيشل سفر جي مختلف رخن تي روشني وڌي، ان کانسواءِ اهڙن موضوعن تي پڻ تفصيلي ويچار ونڊيا جيڪي واهپيدارن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويا.
پوڊ ڪاسٽ دوران ذاتي زندگي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ”مون کي شاديءَ کان ڊپ ٿئي ٿو، پر ٻار پيدا ڪرڻ چاهيان ٿي.“
شروتي جو چوڻ هو ته ” هوءَ هميشه ماءُ بڻجڻ جي خواهشمند رهي آهي، پر سنگل ماءُ نه ڇو ته هوءَ سمجهي ٿي ته ٻار جي سار سنڀال لاءِ ماءُ ۽ پيءُ ٻنهي جو هئڻ ضروري آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ان ڳالهه لاءِ راضي آهي ته اها ڏاڍي سٺي ڳالهه آهي.“
شروتي وڌيڪ چيو ته ”اهو ئي سبب آهي جو جيڪڏهن ڪو اهڙو انسان نه مليو، ته مان ٻار هنج وٺنديس ڇو ته مان پنهنجي زندگيءَ ۾ اها سموري محبت ۽ پيار ان انسان کي ڏيڻ چاهيان ٿي جيڪو واقعي ان جو حقدار هجي.“
پنهنجن رومانوي لاڳاپن بابت ڳالهائيندي شروتي ٻڌايو ته هوءَ هن وقت سنگل آهي ۽ پاڻ سان سڀ کان وڌيڪ محبت ڪري ٿي.
اداڪارا وڌيڪ چيو ته هوءَ اڪيلي هجڻ، خوش رهڻ سکڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان کي ” هيکلائي“ ڪوٺڻ پسند نٿي ڪري، ڇو ته هن ماڻهن کي رڳو اڪيلائي جي ڊپ سبب رشتي جي چونڊ ڪندي ڏٺو آهي، تنهنڪري ڪنهن سان لاڳاپا قائم ڪرڻ کان اڳ” سيلف لو“ ضروري آهي.“
واضح رهي ته اداڪارا شروتي هاسن پنهنجي ايندڙ فلم ”قلي“ ۾ سپر اسٽار رجني ڪانت، عامر خان ۽ ناگا ارجنا سان گڏ نظر ايندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.