گوئٽي مالا سٽي (ويب ڊيسڪ) گوئٽي مالا ۾ زلزلي سبب تباهه ٿيل گهرن ۾ چوري جي نيت سان داخل ٿيندڙ جوابدارن کي مڇريل ماڻهن باهه ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب گوئٽي مالا جو علائقو سانتا ماريا دي جيسن زلزلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو هو.
پوليس ترجمان ٻڌايو ته ان علائقي مان ڪيترائي خاندان پنهنجا گهر ڇڏي پناهه گاهن يا مٽن مائٽن جي گهرن ڏانهن منتقل ٿي ويا هئا، جنهن جو فائدو کڻندي ڪجهه ماڻهو رات جي اونداهي ۾ گهرن ۾ گهڙي آيا هئا.
انهن ماڻهن مان 5 ڄڻن کي علائقي واسين پڪڙي ورتو ۽ سخت مارڪٽ ڪري کين جيئرو ساڙي ڇڏيو.
پوليس ترجمان موجب توڙي جو چوري غير قانوني عمل آهي پر قانون هٿ ۾ کڻڻ ۽ هجوم جو ڪنهن تي به تشدد ۽ قتل هڪ سنگين ڏوهه آهي.
گهرو وزارت جي ترجمان چيو ته مڇريل ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي وئي ۽ جڏهن پوليس کين گرفتار ڪرڻ پهتي ته علائقي واسين پوليس کي روڪي ورتو.
زلزلي سان تباهه ٿيندڙ گهرن ۾ چوري جي نيت سان داخل ٿيندڙ 5 ڄڻن کي جيئرو ساڙيو ويو
Prev Post
You might also like