ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا حميرا اصغر جا وارث لاش وصول ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويا.
پوليس موجب حميرا اصغر جي ڀيڻيوي پوليس سان رابطو ڪيو آهي ۽ حميرا جي ڀاءُ کي گڏ آڻڻ جو چيو آهي، ٻئي ڪجهه ڪلاڪن ۾ لاش وصول ڪرڻ پهچي ويندا.
اداڪارا جي تدفين ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿيندي، ان جو فيصلو گهر ڀاتي ڪندا.
ان کان اڳ حميرا اصغر جي پيءُ لاش وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ سندس ڀيڻيوي لاش وصول ڪرڻ لاءِ پوليس سان رابطو ڪيو.
You might also like