ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ جي اڳوڻي اسسٽنٽ ويديڪا پرڪاش شيٽي کي لکين رپين جي فراڊ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ويديڪا تي الزام آهي ته هن عاليا ڀٽ جي پروڊڪشن ڪمپني ۽ ذاتي اڪائونٽن مان لڳ ڀڳ 76 لک رپيا فراڊ ذريعي ڪڍيا.
پوليس جو چوڻ آهي ته هي فراڊ مئي 2022 کان آگسٽ 2024 تائين جاري رهيو، جنهن جي نشاندهي عاليا ڀٽ جي ماءُ سوني رازدان ڪئي ۽ هلندڙ سال 23 جنوري تي ويديڪا خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.
جاچ دوران پتو پيو ته ويديڪا جعلي بل تيار ڪري عاليا ڀٽ کان صحيحون ڪرائيندي هئي ۽ انهن بلن جي آڙ ۾ رقم پنهنجن اڪائونٽن ۾ منتقل ڪندي هئي.
پوليس موجب، ويديڪا پهريان رقم پنهنجي دوست جي اڪائونٽ ۾ موڪليندي هئي ۽ پوءِ اتان پنهنجي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪندي هئي. شڪايت کان پوءِ ويديڪا روپوش ٿي وئي هئي، جنهن کي پوليس بئنگلورو مان گرفتار ڪيو آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.
You might also like