” شاهين آفريدي سان زيادتي ٿي رهي آهي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستاني ٽيم مان فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي کي ڊراپ ڪرڻ تي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ۽ تجزيي نگار باسط علي سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي.
نجي ٽي وي چئنل جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي باسط علي بنگلاديش خلاف اعلانيل ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو تفصيل سان جائزو وٺندي چيو ته شاهين آفريدي کي ٽيم مان ٻاهر رکڻ سراسر زيادتي آهي.
هن چيو ته بنگلاديش خلاف ٽن ميچن واري سيريز لاءِ شاهين آفريدي کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سلمان مرزا کي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي.
باسط علي سوال اُٿاريندي چيو ته ”ڇا شاهين شاهه پاڪستاني ناهي؟ ڇا هن پنهنجي ٽيم کي پي ايس ايل چيمپيئن ناهي بڻايو؟ ڇا هن پاڻ ٽورنامينٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري؟ ته پوءِ ڇو کيس قومي ٽيم مان ٻاهر ڪيو ويو آهي؟ هن سان اهڙي زيادتي ڇو ٿي رهي آهي؟
اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته مڃيو ٿا ته بابر اعظم ۽ محمد رضوان جي اسٽرائيڪ ريٽ تي ٽي ٽوئنٽي ۾ تنقيد ٿيندي رهي آهي، پر شاهين آفريدي سان ڪهڙو مسئلو آهي؟
باسط علي چيو ته کيس ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته شاهين آفريدي جي رويي بابت اعتراض ڪيو پيو وڃي، پر جيڪي ماڻهو اِهو اعتراض ڪري رهيا آهن، اهي دراصل سينيئر رانديگرن کي ٽيم ۾ ڏسڻ نٿا چاهين.
هن ياد ڏياريو ته ماضي ۾ به احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل کي سندن رويي کي جواز بڻائي ٽيم مان ڪڍيو ويو هو، هاڻي ساڳيو رويو شاهين آفريدي سان اختيار ڪيو پيو وڃي.
باسط علي قومي ٽيم جي ڪوچ ۽ ڪپتان کي صلاح ڏيندي چيو ته اهڙي روش اختيار نه ڪئي وڃي، ڇو ته اهو عمل ٽيم لاءِ هاڃيڪار ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.