عوام لاءِ خوشخبري، سڄي ملڪ ۾ بجلي سستي ٿي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيپرا سڄي ملڪ لاءِ ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي سستي ڪري ڇڏي.
ڪراچي لاءِ في يونٽ بجلي 4 رپيا 3 پيسا، جڏهن ته باقي ملڪ لاءِ 50 پيسا في يونٽ سستي ڪئي وئي آهي.
نيپرا پاران بجلي اگهن ۾ ماهوار ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ گهٽتائي جا ڌار ڌار نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته بجلي واهپيدارن کي ان گهٽتائي جو رليف جولاءِ جي بلن ۾ ملندو.
ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن لاءِ اها لاٿ اپريل 2025 جي ماهوار ايڊجسٽمينٽ تحت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته باقي ملڪ لاءِ بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي مئي 2025 جي ايڊجسٽمينٽ تحت ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.