فيصل ڪريم ڪنڊي ڪي پي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته جنهن ڏينهن اسيمبلي ۾ اسان جو هڪ به ميمبر وڌيڪ ٿيو ته بي اعتمادي رٿ آڻي سگهون ٿا.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته خيبر پختونخواهه اسيمبلي ۾ اپوزيشن وٽ 52 يا 54 ميمبر ٿي چڪا آهن، جنهن ڏينهن اسيمبلي ۾ اسان جو هڪ به ميمبر وڌيڪ ٿيو ته اسان جو جمهوري حق هوندو بي اعتمادي آڻيون.
هن چيو ته اسان وڏي وزير خلاف ڪا سازش نه پيا ڪيون، جيڪڏهن پي ٽي آءِ وٽ وفاق، پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ وڌيڪ ميمبر آهن تي بي اعتمادي آڻي.
سندس چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان سان سياسي ملاقاتون ڪندا رهندا آهيون، عليما خان چئي ٿي ته مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ خلاف ڪنهن سياسي ڪارروائي ۾ شامل نه هوندو، عليما خان ته مائنس عمران خان جو به چئي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.