پاڪستان لاءِ پهريون گولڊ ميڊل کٽيندڙ ريسلر دين محمد لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي لاءِ پهريون گولڊ ميڊل کٽيندڙ ريسلر دين محمد لاڏاڻو ڪري ويو.
دين محمد 1954ع جي ايشيائي راندين (ايشيئن گيمز) ۾ پاڪستان لاءِ گولڊ ميڊل کٽيو هو.
ريسلر دين محمد جي عمر 100 ورهين کان مٿي هئي.
لاهور جي علائقي باٽاپور سان واسطو رکندڙ دين محمد پهلوان منيلا ۾ ٿيل ايشيئن گيمز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي فلپائن، ڀارت ۽ جپان جي پهلوانن کي شڪست ڏئي ملڪ جو پرچم اونچو ڪيو هو.
دين محمد نه رڳو ايشيئن گيمز ۾ ميڊل کٽيو، پر ڪيترن ئي بين الاقوامي مقابلن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ ڪامن ويلٿ گيمز ۾ به برونز ميڊل حاصل ڪيو.
راندين واري صوبائي وزير ملڪ فيصل ايوب کوکر ۽ ڊي جي اسپورٽس پنجاب خضر افضل چوڌري بابا دين محمد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
صوبائي وزير راندين چيو ته ريسلر دين محمد جون ملڪ لاءِ خدمتون وسارڻ جهڙيون ناهن، هن ريسلنگ جي ميدان ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.