جديد تحقيق مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته پنجاهه سيڪڙو کان مٿي ڀارتي ماڻهو ايراني هارين جي اولاد آهن. ايراني هارين 5 کان 7 هزار سال اڳ هندستان اچي هارپو ڪيو هو.
ڀارت واسين جي اڪثريت جا ابا ڏاڏا قديم ايراني نڪتا آهن. ان ڏس ۾ تازو ئي آمريڪي يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا، برڪلي جي انساني ارتقائي جينيات جي ماهر ايلسي ڪرڊوتڪف پنهنجي ٽيم سان گڏ ڀارت واسين جي جينز جي عالمي ڊيٽا ۾ محفوظ ڪروڙين جينز سان تحقيقي ڀيٽ ڪئي.
ٽن ڏهاڪن کان جينيات جي عالمي ماهرن لکين ڀارتي باشندن جا جينز گڏ ڪيا ته جيئن انهن جي وڏن جي خبر پئجي سگهي. جنهن مان ڀارت واسين جي اڪثريت جا ابا ڏاڏا قديم ايراني نڪتا.
پوءِ انهن ۾ وچ ايشيا مان آيل قبيلن جا جينز گهڻا جن جي اولاد ”آريا“ سڏايو ۽ ذات پات جو نظام قائم ڪيو. ٽئين نمبر تي انهن آفريقي شڪارين جا جينز آيا جيڪي پنجاهه هزار سال اڳ هندوستان پهتا هئا.
انهن جي اولاد ئي ايرانين سان گڏ ادغام کان وادي سنڌ تهذيب جو بنياد رکيو. پر يورشين اسٽيپي جي ويڙهاڪ قبيلن تهذيب کي تباهه ڪري ڇڏيو جنهن جا ڪيترا ڪٽنب ڏکڻ ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويا.
جيڪڏهن پاڪستان واسين جي جينز جو تجزيو ڪيو وڃي ته شايد انهن مان به گهڻن جو تعلق قديم ايراني ۽ عرب واسين سان نڪرندو.