اسٽار پرتگالي فٽبالر روڊ حادثي ۾ فوت

زمورا (ويب ڊيسڪ) ليورپول فٽبال ڪلب جو اسٽار فٽبالر ۽ پرتگال سان تعلق رکندڙ 28 ورهين جو ڊياگو جوتا اسپين جي شهر زمورا ۾ پيش آيل ٽريفڪ حادثي ۾ حياتي وڃائي ويٺو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، حادثي جي وقت ڊياگو جوتا پنهنجي ڀاءُ سان گڏ ڪار ۾ موجود هو، ان دوران سندن گاڏي روڊ تان لهي وئي، حادثي ۾ ڊياگو جوتا ۽ سندس ڀاءُ ٻئي فوت ٿي ويا.
ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊياگو جوتا گذريل هفتي ئي پنهنجي پارٽنر روٽ ڪارڊوسو سان شادي ڪئي هئي ۽ جوڙي کي ٽن ٻارن جو اولاد آهي.
ڊياگو جوتا 2020 ۾وولوز ڪلب کي الوداع چئي ليورپول ڪلب سان 41 ملين پائونڊ جو معاهدو ڪيو هو، جتي هن پنجن سالن دوران 100 کان وڌيڪ ميچون کيڏيون.
هو گذريل مهيني يوئييفا نيشنز ليگ جو فائنل کٽيندڙ پرتگال ٽيم جو حصو به هو، ان کانسواءِ ڊياگو جوتا ليورپول سان گڏ انگلش پريميئر ليگ جو ٽائيٽل به کٽيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.