ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه عوام پاڪستان پارٽي جي جنرل سيڪريٽري مفتاح اسماعيل پاران سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيل ڳالهين کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته مفتاح اسماعيل جنهن پلاننگ اينڊ ڪميشن آف پاڪستان جي رپورٽ جو حوالو ڏنو آهي ان رپورٽ بابت سنڌ حڪومت اڳ ئي پنهنجا تحفظات ظاهر ڪندي ان کي حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏئي چڪي آهي. هن چيو ته پلاننگ اينڊ ڪمشن جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن انڊيڪس رپورٽ ۾ اسلام آباد جي ادارن رڳو “ڊيسڪ اينالسٽ” جو ڪردار ادا ڪيو. جنهن رپورٽ جو حوالو ڏنو پيو وڃي، ان جو ڊيٽا 2022-23 جو آهي، جڏهن ته سڀني کي معلوم آهي ته 2022ع ۾ سنڌ سخت ٻوڏ جي لپيٽ ۾ هئي ۽ 2023 جي شروعات تائين ماڻهو بي گهر هئا، سنڌ بابت هڪطرفي رپورٽ جاري ڪئي وئي ته اسڪولن جي حالت خراب آهي. اسان پاڻ چئون پيا ته سنڌ ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب 20 هزار اسڪول متاثر ٿيا آهن ۽ فطري آفتن جي ڪري تعليمي ڍانچو متاثر ٿيو. هن چيو ته مفتاح اسماعيل ٻين صوبن کي ٻڌائين ته پنجاب ۾ هڪ لک استادن جي کوٽ آهي، ۽ ڪي پي ڪي جي اسڪولن ۾ نياڻين جي تعليم جي حالت ڇا آهي؟ جڏهن ته سنڌ ۾ 93118 هزار استادن کي ميرٽ تي ڀرتي ڪيو ويو، جنهن سان معيار بھتر ٿيو ۽ داخلا جي شرح وڌي. سيد سردار علي شاهه چيو ته اسان ڪڏهن به پنهنجي خامين کي لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، پر وفاقي ادارا رپورٽون ٺاهڻ کان اڳ اسان سان رابطو به نٿا ڪن. جڏهن انگ اکر حقيقتن تي ٻڌل نه هوندا ته پوءِ درست ۽ پائيدار حل ڪونه ملندو.