ڀارت: ڪيميڪل فيڪٽري ۾ ڌماڪو، 10 ڄڻا اجل جو شڪار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست تلنگانا جي ڪيميڪل فيڪٽري ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
ڀارتي ميڊيا موجب ڌماڪي ۾ 26 ڄڻا زخمي به ٿيا، جن کي اسپتال نيو ويو، جتي سندن علاج جاري آهي.
ڪيميڪل فيڪٽري ۾ ڌماڪو ري ايڪٽر ڦاٽڻ سان ٿيو، ڌماڪي کانپوءِ فيڪٽري جي ڪجهه حصي ۾ باهه به لڳي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.