هن وقت سڄي دنيا ۾ اٽڪل 195 ملڪ آهن، انهن جي آبادي لڳ ڀڳ ساڍا اٺ ارب ماڻهن تي ٻڌل آهي، هر ملڪ جي ترقي يا تنزلي انهن ملڪن جي حڪمراني تي دارومدار رکي ٿي، جيڪڏهن رياست پنهنجي ماضيءَ جي غلطين، تباهين ۽ بربادين کي نظر ۾ رکي اڳتي وڌڻ جو عزم ڪيو آهي، ملڪ جي عوام، رياست ۽ حڪمران ساڳي سوچ تحت ڪم ڪري رهيا آهن ته انهن ملڪن جي ترقي آسمان جي بلندين کي ڇهي رهي آهي، يورپي ۽ ٻيا ترقي جي رستي تي گامزن ملڪ 500 سالن تائين جنگين، نسلي، مذهبي ۽ غير عقلي تڪرارن جي ور چڙهيل هئا، پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ ۾ انهن ملڪن جا ڪروڙين شهري مارجي ويا، سمورا ملڪ کنڊر بڻجي ويا پر جڏهن انهن محسوس ڪيو ته جيڪڏهن ايئن ئي جنگيون ڪندا رهياسين ۽ تڪرارن ۾ ڦاٿل رهياسين ته نالو نشان ئي مٽجي ويندو، آمريڪا جاپان جي شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي چئن ڏينهن جي وقفي سان ايٽم بم ڪيرائي ٻنهي شهرن کي مٽي جو ڍير بڻايو ويو، لکين ماڻهو انهن حملن ۾ سڙي مري ويا، پر ٻن ڏينهن جي اندر ئي جاپان فيصلو ڪيو ته آمريڪا خلاف ڪا به جوابي ڪارروائي نه ڪئي ويندي پر انهن سموري طاقت انهن شهرن جي ٻيهر آبادڪاري ،ترقي ۽ صنعتڪاري ڏانهن ڦيرائي ڇڏي ۽ اڄ جاپاني معيشيت دنيا جي مضبوط ترين معيشيت بڻجي چڪي آهي.
اسان جنهن ملڪ ۾ رهون ٿا، اهو دنيا جي انهن خوشنصيب ملڪن ۾ شامل آهي، جن وٽ سرسبز زمينون، موسمون،گيس، پيٽرول، سون جون کاڻيون ،دريا، جبل، نديون ۽ خوبصورت نظارا آهن پر رياست جي بيحس حڪمرانن ۽ رياستي ادارن جي عوام دشمن پاليسين جي ڪري هن وقت هي ملڪ دنيا جي بدنصيب ملڪن ۾ شامل ٿي چڪو آهي، جنهن جي مٿان سامراجي ملڪن جي عوام دشمن مالي ادارن جو قرض ايترو چڙهي چڪو آهي جو انهي عذاب مان نڪرڻ جي لاءِ هن ملڪ جي حڪمران طبقي ۽ رياستي ادارن جي ڪرتائن ڌرتائن جي عوام جي لٽ مار مان ٺهيل ملڪي ۽ غير ملڪي ناجائز ملڪيتن کي وڪرو ڪري انهن کربين ڊالرن جي قرض مان جان ڇڏائي سگهجي ٿي، انهيءَ لاءِ وڏي عوامي انقلاب جي ضرورت پوندي، بيحس حڪمرانن مان جان ڇڏائڻ کانسواءِ هي ملڪ مستقبل ۾ غربت جهالت خانا جنگي، نسلي ۽ مذهبي فسادن کانسواءِ ماحولياتي گدلاڻ جي ڪُن ۾ غرق ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.
سڀني ترقي يافتا ۽ غير ترقي يافتا ملڪن جي اندر انهيءَ زندگيءَ ۽ موت جهڙي مسئلي لاءِ وڏي منصوبا بندي ٿي رهي آهي پر هن ملڪ جي اندر چوويهه ڪروڙ ماڻهن جي حياتين کي دوزخ جي حوالي ڪيو ويو آهي، ائين به ناهي ته هي رياست انهي اهم مسئلي کان ڪن لاٽار ڪيون ويٺي آهي يا بجيٽ مخصوص نٿي ڪئي وڃي، پر هر بجيٽ ۾ وفاقي حڪومت يا صوبن جون حڪومتون اربين روپين جي بجيٽ مخصوص ڪن ٿيون پر بدقسمتي سان ٻين شعبن وانگر اها بجيٽ سياسي حڪومتن، بيوروڪريسي ۽ من پسند اين جي اوز جي ملي ڀڳت سان هضم ڪري رهيون آهن، جيڪڏهن انهيءَ بجيٽ جو ڏهه سيڪڙو به استعمال ٿيندو رهي ها ته هن وقت بدترين ماحولياتي گدلاڻ جي عذاب جا ڏينهن ڏسڻا نه پون ها، پنجاب جي طرفان جيڪڏهن 15 ارب جي بجيٽ ماحولياتي گدلاڻ لاءِ مخصوص ڪئي آهي ته اها مڪمل نظر اچي رهي آهي، خاص طور پنجاب جي فاريسٽ ۽ سنڌ جي فاريسٽ کاتن ۾ فرق واضح نظر اچي رهيو آهي، سنڌ جي ٻيلن جي بربادي ۾ فاريسٽ کاتي جو وڏو هٿ آهي، انهيءَ کاتي جي هيٺين آفيسر کان وٺي ڪامورن وزيرن ۽ مشيرن تائين ٻيلن جي ڪٽائي ڪرائي ارب پتي بڻجي ويا آهن جنهن ڪري نه صرف سنڌ جون ٻهراڙيون متاثر ٿيون آهن پر شهر به متاثر ٿيا آهن، برساتن جو توازن تبديل ٿي چڪو آهي،هر سال ايندڙ ٻوڏن سان تمام وڏو نقصان ٿي رهيو آهي، وڏن شهرن ۾ صنعتي ادارن مان نڪرندڙ دونهين ۽ گدلاڻ جي ڪري مختلف بيمارين ۾ اضافو ٿيو آهي، گهوٽڪي ضلعي ۾ ماڙي گيس، اينگرو، ايف ايف سي، اينگرو پاور پلانٽ، لبرٽي پاور پلانٽ، قادرپور گيس فيلڊ ۽ پنج شگر ملون موجود آهن، جن جي روزاني جي بنياد تي اربين روپين جي آمدني آهي، انهن ادارن مان خارج ٿيندڙ گيس، ڪيميڪل جو دونهون ۽ ڏينهن رات هلندڙ مشينري جي ڪري گھوٽڪي ضلعي جي جر جو پاڻي به زهريلو ٿي چڪو آهن، ساهه کڻڻ جي بيمارين، ڪينسر، اکين جي مختلف مرضن هن ضلعي جي پندرهن لک کان وڌيڪ آبادي کي المين ۽ بيوسي جي صليب تي لٽڪائي ڇڏيو آهي پر هنن ادارن جي طرفان غريب ماڻهن جي ڀلائي، بهتري، علاج، روڊن، رستن، صاف پاڻي، اسپتالن ۾ معياري علاج جي لاءِ ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي فنڊ جي لاءِ کربين روپين جي بجيٽ مخصوص ڪئي وڃي ٿي پر بدقسمتي سان انهي بجيٽ جو پنج سيڪڙو به هن ضلعي جي خوشحالي ۽ عوامي مصيبتن جي خاتمي لاءِ استعمال نٿي ڪئي وڃي.
ضلعي جي وڏيرن، ڀوتارن، اسيمبلي ميمبرن وزيرن، مشيرن ۽ انهن جي واٺن سان گڏ اها بجيٽ ڊپٽي ڪمشنر جي معرفت بيدردي سان استعمال ٿي رهي آهي، انهيءَ ڪري چيو پيو وڃي ته گهوٽڪي ضلعي جي ڊي سي جي پوسٽنگ سنڌ جي وڏي وزير جي وس ۾ به نه هوندي آهي،گهوٽڪي ۾ مقرر ٿيندڙ ڊي سي انهيءَ ڪري اسيمبلي ميمبرن ۽ عوام کي ڪا اهميت نه ڏيندو آهي ۽ گهوٽڪي ضلعو مالي وسيلن سان مالا مال هجڻ جي باوجود ننڌڻڪو بڻيل آهي، خاص طرح گهوٽڪي ضلعي جي ٻيلن جي واڍي ڪرائي ماحولياتي گندلاڻ جي فضا کي موتمار حد تائين هٿي ڏني وئي آهي، سرڪاري اسپتالن ۾ بنيادي سهولتن جي اڻاٺ جي باوجود اسپتالون اندران ٻاهران ڀريل آهن.
يورپ ۽ ٻين ترقي يافتا ملڪن ۾ سخت سردي جي مٿان تجربا ڪيا پيا وڃن ته ڪهڙي طرح انهيءَ ۾ گرمي جي درجي کي شامل ڪيو وڃي، هر قسم جي شاندار ماحول هجڻ جي باوجود انهن ملڪن جون حڪومتون عالمي ڪانفرنسون ڪري ماحولياتي گندلاڻ جي فضا کي بهتر بڻائڻ جي حڪمت عملي ۾ مصروف آهن، پر اسان پنهنجي ماڻهن جي بربادي لاءِ خصيص مفادن جي پورائي لاءِ پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ماڻهن جي تباهي لاءِ ڪهاڙا کڻي ميدان ۾ لٿل آهيون، اهڙي سخت مايوسي جي باوجود ڪجهه غير سرڪاري تنظيمون يا ادارا اهڙا موجود آهن جيڪي محدود مالي وسيلن جي باوجود پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، انهن جو ذڪر به لازمي ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان پنهنجي سماج ۾ بهتر روايتن جو بنياد رکي سگهون، گهوٽڪي جي ٻهراڙين ۾ پڻ اهڙيون چند آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون تنظيمون ۽ ادارا اهڙي بهتري لاءِ مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، انهن ۾ هڪڙي تنظيم وليج ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن پڻ آهي ،جيڪا ورهين کان وٺي سوشل سيڪٽر ۾ عملي ڪم ڪري رهي آهي، انهي تنظيم پاران 2022 کان وٺي، وليج ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن گهوٽڪي ۽ سائوٿ ايشياءَ پارٽنرشپ پاڪستان موسميات جي گھٽتائي واري حڪمت عملي کي اجاگر ڪرڻ ۾ وڏي دلچسپي ڏيکاري آهي. ٻنهي تنظيمن، موسمياتي تبديليءَ جي اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورن ۽ گڏجاڻين ذريعي، ”پيپلز ايڪشن فار ڪلائميٽ ريلينس“ پروجيڪٽ تيار ڪيو ۽ ان تي عمل ڪيو، منصوبي جو بنيادي مقصد مقامي آبادي، خاص طور تي عورتن، نوجوان ڇوڪرين ۽ معاشي طور ڪمزور طبقن کي آگاهي ڏيڻ آهي. آبهوا جي تبديلي جا اثر ۽ سبب. پروجيڪٽ جو مقصد انهن جي ٽيڪنيڪل صلاحيتن کي وڌائڻ آهي ته جيئن اهي قدرتي آفتن ۽ موسمي تبديلين کي سمجهي پنهنجي گهرن ۽ ننڍن ڪاروبارن کي آفتن کان بچائي سگهن، اهڙي طرح سگا گهوٽڪي پاران پڻ ماحولياتي گندلاڻ جي لاءِ وي ڊي او سان ڪو آرڊينيشن جي ذريعي گهوٽڪي ضلعي ۾ ٻيلن جي غيرقانوني واڍي جي خلاف هڪ ڀرپور حڪمت عملي جوڙي وئي آهي ۽ سموري سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ اهڙي قسم جي ننڍي پيماني تي شروعات ڪري اسان گڏيل نموني گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا، ڇاڪاڻ ته حڪمرانن ۽ بيوروڪريسي ۾ ڪو اميد جو ڪرڻو نظر ڪو نٿو اچي ۽ وقت کي ضايع ڪرڻ بدران پنهنجي ديس ۽ ڌرتيءَ جي تحفظ لاءِ اجتماعي ڪوششن جي اهڙي طرح شروعات ٿي سگهي ٿي.