ايران ٻيهر جوهري افزودگي شروع ڪئي ته وري حملو ڪنداسين: ڊونلڊ ٽرمپ

دي هيگ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن ايران جوهري افزودگي جو پروگرام ٻيهر شروع ڪيو ته ان تي ٻيهر حملو ڪنداسين.
دي هيڪ ۾ جاري نيٽو سمٽ جي موقعي تي گفتگو ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران ۾ اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، جيڪي سڀني لاءِ اهم آهن، ايران ۾ فردو جوهري سائيٽ تباهه ڪئي ۽ فردو جوهري سائيٽ تي هاڻ تباهي کانسواءِ ڪجهه ناهي.
هن چيو ته ايران کي ڪنهن به صورت ۾ جوهري افزودگي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، هاڻ ايران ڊگهي عرصي تائين ايٽمي مواد نه ٺاهي سگهندو ۽ ايران لاءِ هاڻ جوهري هٿيار ٺاهڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ آمريڪي صدر چيو ته جيڪڏهن ايران ٻيهر جوهري افزودگي شروع ڪئي ته اسان ٻيهر حملو ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.