ملاقات کان انڪار تي ڪاوڙ ۾ اچي ثنا يوسف کي قتل ڪيو: جوابدار جو اعتراف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪر ثنا يوسف جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عمر حيات ميجسٽريٽ سامهون ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو.
جوابدار ٻڌايو ته ملاقات کان انڪار تي ڪاوڙ ۾ اچي ثنا يوسف کي قتل ڪيو، سالگرهه تي تحفو کڻي ويو هيس پر ريسپانس نه ملڻ تي قتل ڪيو.
ٽڪ ٽاڪر ثنا يوسف جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جوابدار عمر حيات جڊيشل ميجسٽريٽ سعد نذير سامهون قلم 164 تحت اعترافي بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب جوبدار عمر حيات بيان ۾ چيو ته ثنا يوسف ملاقات کان انڪار ڪيو، جنهن تي ڪاوڙ ۾ اچي کيس قتل ڪيو، مان پهريون ڀيرو ملاقات لاءِ ويو هيس، سڄو ڏينهن انتظار ڪيو پر ثنا ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ واپس وڃڻ جو چيو.
جوابدار وڌيڪ انڪشاف ڪيو ته مان ثنا يوسف جي سالگرهه جو تحفو به کڻي ويو هيس، جيڪو هن قبول نه ڪيو، ٻه جون تي ٻيهر ملاقات لاءِ گهرايو پر پوءِ به ملاقات نه ٿي سگهي، جنهن تي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ڪاوڙ ۾ اچي ثنا کي گهر وڃي قتل ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.