جهاد جو اعلان رڳو رياست ڪري سگهي ٿي، ڪنهن فرد يا گروهه کي اختيار ناهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته جهاد جو اعلان رڳو رياست ڪري سگهي ٿي، ڪنهن به فرد يا ٽولي کي اهو اختيار حاصل ناهي.
آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ڪراچي ۾ مختلف مذهبن جي اڳواڻن ۽ سماجي حلقن سان ملاقاتون ڪيون ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
مختلف مذهبن جي اڳواڻن ۽ سماجي حلقن پاران ڊي جي آءِ ايس پي آر جي آجيان ڪئي وئي ۽ فوج سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار به ڪيو ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪستان ۾ سڀني مذهبن کي مڃيندڙ برابر جا شهري آهن، جن کي آئين موجب مڪمل حق حاصل آهن، قومي اتحاد برابري ۽ هم آهنگي سان ئي برقرار رهي ٿو.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي، پاڪ فوج جديد جنگي حڪمت عملي سان دشمن کي جواب ڏئي رهي آهي، نسلي يا لساني نفرت جهالت آهي.
هن وڌيڪ چيو ته سڀ پاڪستاني برابر آهن، جيڪڏهن متحد رهياسين ته ڪابه طاقت اسان کي شڪست نٿي ڏئي سگهي، جهاد جو اعلان رڳو رياست جو اختيار آهي، ڪنهن به فرد يا گروهه کي ائين ڪرڻ جو اختيار حاصل ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.