”آمريڪي حملي کان اڳ ئي ايٽمي ٿاڪن کي خالي ڪرايو ويو هو“

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني اختيارين چيو آهي ته آمريڪي حملي کان اڳ ئي ايٽمي ٿاڪن کي خالي ڪرايو ويو هو.
ايراني ايٽمي ٿاڪن تي ٿيل حملي کانپوءِ هڪ ايراني عهديدار پنهنجي بيان ۾ چيو ته دشمن جي فضائي حملن ۾ فردو جوهري سائيٽ کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته اصفهان ۽ نطنز جوهري سائيٽس جي ويجهو به حملا ڪيا ويا.
هن ٻڌايو ته آمريڪي حملي کان اڳ ئي ايٽمي ٿاڪن کي خالي ڪرايو ويو هو ۽ جيڪي ٿاڪ نشانو بڻايا ويا، اُتي اهڙو ڪو به مواد موجود نه هو جيڪو اخراج جو سبب بڻجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.