هاڻ يا ته امن ٿيندو يا ايران لاءِ سانحو: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ايران جي ايٽمي ٿاڪن تي حملي کانپوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هاڻ يا ته امن ٿيندو يا وري ايران لاءِ هڪ وڏو سانحو.
واشنگٽن ۾ تقرير ڪندي صدر ٽرمپ چيو ته ايران جي فردو، نطنز ۽ اصفهان ۾ موجود ايٽمي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو، آمريڪا جو مقصد ايران جي جوهري افزودگي جي صلاحيت کي ختم ڪرڻ هو ۽ اهي ٿاڪ تباهه ڪري ڇڏيا آهن.
هن چيو ته هدف سڀ کان ڏکيا هئا، ڪيترائي هدف اڃا به بچيل آهن، جيڪڏهن امن قائم نه ٿيو ته اسان ٻيهر صحيح نشاني سان انهن باقي هدفن ڏانهن وينداسين.
صدر ٽرمپ چيو ته ايران کي هاڻ امن قائم ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته ايندڙ حملا تمام سخت هوندا، هاڻ يا ته امن ٿيندو يا ايران لاءِ وڏو سانحو ٿيندو.
هن چيو ته دهشتگرديءَ جي دنيا جي نمبر هڪ رياست طرفان ايٽمي خطري کي روڪڻ ضروري هو، اڄ مان دنيا کي ٻڌائي سگهان ٿو ته فضائي حملا هڪ شاندار فوجي ڪاميابي آهي.
سندس چوڻ هو ته مان اسرائيلي وزيراعظم جا ٿورا مڃان ٿو ۽ کيس مبارڪباد پيش ڪيان ٿو، اسان هڪ ٽيم طور ڪم ڪيو ۽ اسرائيل کي پيش خطري کي ختم ڪيو، اسرائيلي فوج جيڪو شاندار ڪم ڪيو آهي، ان تي به مان ٿورائتو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.