پنهنجن جي وڇوڙي ۽ اڪيلائي جي ماريل:عائشا آپا جي المناڪ موت جي دردناڪ ڪهاڻي

اڳوڻي ادارڪارا عائشا خان جي موت واري خبر سڄي سماج جي ضمير ڌوڏي ڇڏيو آهي. اها ئي عائشا جيڪا ڪنهن دور ۾ "عائشا آپا” جي نالي سان مشهور، هر دل عزيز ۽ سماجي طور انتهائي سرگرم شخصيت هئي، اڄ گمنامي، اڪيلائي ۽ بي حسي جو شڪار ٿي، پنهنجي ئي فليٽ ۾ مئل حالت ۾ هٿ آئي آهي، سندس لاش ڪيترن ئي ڏينهن کانپوءِ ان فليٽ مان مليو، جتي هوءَ سالن کان اڪيلي، خاموشيءَ سان پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏينهن گذاري رهي هئي. فليٽ جي ٻاهران وڌندڙ بدبوءَ جڏهن پاڙيسرين ڌيان ڇڪيو ته سندس فليٽ جو در کوليو ويو جنهن کانپوءِ هڪ ٿڌو لاش مليو، ڪيلپ پنهنجي درد جي ڪهاڻي پاڻ ئي بيان ڪري رهيو هو.

عائشا خان جي ساهه جو سڳو ٽٽي ڪجهه وقت ٿيو هو، پر حقيقت ۾ هوءَ ته ڪيترائي سال اڳ اڳ ئي مري چڪي هئي. جذباتي، ذهني ۽ سماجي طور تي. سندس پٽن بابت ٻڌايو ويو آهي ته هڪ پٽ ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ چار ڪنال جي محل نما گهر ۾ پنهنجي زال ۽ ٻارن سان خوشحال زندگي گذاري رهيو آهي، جڏهن ته ٻيو پٽ اسلام آباد جي چڪ شهزادن واري فارم هائوس ۽ بحريا ٽائون جي عاليشان گهر جو مالڪ آهي. پر انهن مان ڪنهن به پنهنجي ماءُ جي اڪيلائي، اذيت ۽ درد جو ٿورو به احساس نه ڪيو.

ڪڏهن جيڪا عائشا آپا جي زندگيءَ جي رونق سندس دوستن جو حلقو، روڊن تي گهمندڙ پراڊو ٽي زي ڪار، غريبن جي گهرن تائين راشن جي پهچ، ٻارن جون فيحون، وظيفا ۽ روزاني فلاحي شيڊول سان ڀريل ڊائري هئي، ساڳي عائشا خان ملڪيت پنهنجي ٻارن جي نالي ڪري، هڪ بي وس ۽ اڪيلي وجود ۾ بدلجي وئي. پنهنجي خودمختار زندگيءَ کان پوءِ، هڪ ڏينهن هن سڀ ڪجهه پنهنجي ٻارن جي حوالي ڪري چيو ته هاڻي هوءَ انهن سان واري واري تي رهندي، پر ٿيو ائين جيئن اهڙا فيصلا ڪندڙن سان اڪثر ٿيندو آهي.

سندس اولاد جلد ئي هن کان بيزاريءَ جو اظهار شروع ڪيو. هوءَ بار بار کين فون ڪندي، ڏينهن ۾ ڪيترن ئي ڀيرا. جيڪڏهن ڪڏهن فون کولي به ورتو ويندو ته جواب ملندو: "ٻن منٽن ۾ وري فون ڪيان ٿو” ۽ اهو ٻيهر فون ڏينهن، هفتن ۽ پوءِ مهينن ۾ بدلجي ويندو. هوءَ راتيون فون هٿ ۾ کڻي گذاريندي، پر نه ڪو پٽ، نه ڪا نياڻي، نه ڪو پوٽو يا پوٽي، هن جي ياد ۾ موٽيو.

اها عائشا ئي آپا هئي، جيڪا طلعت حسين جي گهر مٺائي ۽ ڪيڪ وٺي ويندي هئي، جيڪا ڪڏهن به ڪنهن يتيم ٻار جي فيس نه وساريندي هئي، جيڪا ڪراچي جي روڊن تي گاڏي پاڻ هلائيندي هئي ۽ جيڪا پنهنجي ئي گهر جي صحن ۾ راتين جو چڪر لڳائيندي رهندي هئي. ڪڏهن بي اختيار رڙيون ڪري روئندي هئي، ڪڏهن خاموش ٿي ويندي هئي. پاڙيسري، هن جي چريائپ ۽ ڏک کي سمجهي نه سگهندا هئا، ويجهو ايندا ته هوءَ کين رڙيون ڪري ڌڪاريندي هئي ۽ پوءِ هڪ ڏينهن هوءَ مڪمل خاموش ٿي وئي. ڪيترن ئي هفتن کان هوءَ فليٽ مان ٻاهر به نه نڪتي هئي، ڪڏهن ڪڏهن رڳو هڪ جهلڪ ڏسڻ ۾ ايندي هئي ۽ پوءِ وري خاموشي.

اها خاموشي هن ڀيري ايتري ڊگهي هئي جو اها موت ۾ تبديل ٿي وئي. جڏهن بدبوءَ جي شدت وڌي ته پاڙيسرين در کولي اهو منظر ڏٺو، جيڪو رڳو هڪ لاش نه هو، پر سڄي سماج جي بي حسي، اولاد جي خود غرضي ۽ انساني رشتن جي ٽٽڻ جي هڪ دردناڪ تصوير هئي. هوءَ ته مري وئي، پر حقيقت اها آهي ته کيس اڪيلائي ماري وڌو ۽ ان اڪيلائي جي ذميوار اهي ئي پنهنجا هئا، جن تي هوءَ سڄي زندگي ناز ڪندي رهي.

هيءَ رڳو هڪ خبر نه آهي، پر هڪ فڪر جو لمحو آهي، اها ڪهاڻي رڳو ڪنهن عائشا خان جي نه، پر انهيءَ الميي جي آهي، جتي والدين پنهنجي سڄي گڏ ڪيل ملڪيت اولاد جي نالي ڪري ڇڏين ٿا ۽ بدلي ۾ پوڙهائپ ۾ کين اڪيلائي، اذيت ۽ موت ملي ٿو. عائشا آپا مري وئي، ٿي سگهي ٿو کيس هاڻ سڪون ملي ويو هجي، پر سندس بي آواز رڙيون اڃا تائين سماج جي ضمير تي رهنڊا ڏئي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.