ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماريا زاخارووا ايران جي پرامن جوهري اثاثا رکڻ جي حق تي زور ڏنو آهي.
صحافين سان ڳالهائيندي ماريا زاخارووا چيو ته وچ اوڀر ۾ جوهري خطرو ڪو خيال ناهي پر هڪ حقيقي ۽ عملي پهلو رکي ٿو، جيڪو نه رڳو هن علائقي پر سڄي دنيا لاءِ به خطري جو سبب بڻجي رهيو آهي.
هن چيو ته هي سڀ ڪجهه نه فقط ڇڪتاڻ ۾ واڌارو آڻي رهيو آهي پر علائقي ۽ عالمي امن لاءِ سڌو خطرو بڻجي چڪو آهي، ڇو ته هاڻ پرامن ايٽمي اثاثن تي حملا ٿي رهيا آهن، جوهري خطرو مفروضي جي حد تائين ناهي رهيو پر هڪ عملي حقيقت بڻجي چڪو آهي.
ماريا زاخارووا زور ڏنو ته ايران کي پرامن جوهري اثاثا رکڻ جو حق حاصل هو، آهي ۽ سدائين رهندو ۽ هاڻ انهن اثاثن تي حملا ٿي رهيا آهن.
You might also like