تهران (ويب ڊيسڪ) پاسدارانِ انقلاب (آءِ آر جي سي) چيو آهي ته ايران جديد ميزائل ذريعي اسرائيلي هدفن تي حملا ڪري اسرائيل جي سرپرست آمريڪا کي پيغام ڏنو آهي.
ايراني ميڊيا موجب پاسداران انقلاب اربع ڏينهن هڪ پڌرائي ۾ چيو ته ايران پاران اسرائيل تي ڪيل يارهين جوابي حملي دوران جنريشن وَن جا فتح ميزائل استعمال ڪيا ويا، جيڪي هر هر اسرائيلي فضائي دفاعي نظام کي چيريندا گذريا ۽ تل ابيب جي جنگ پسند ساٿيءَ کي ايران جي طاقت جو پيغام ڏنو.
پاسدارانِ انقلاب چيو ته گذريل رات جي ميزائل حملي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اسان والاريل علائقن جي فضا تي مڪمل طور تي ڪنٽرول حاصل ڪري چڪا آهيون، جتي رهندڙ ماڻهو ايران جي ميزائلن خلاف مڪمل طور تي بي يارو مددگار ٿي چڪا آهن.
اسرائيلي هدفن تي نئين جديد ميزائل سان حملو آمريڪا لاءِ پيغام آهي: پاسداران انقلاب
You might also like