واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران هاڻ ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو پر گهڻي دير ٿي چُڪي آهي.
وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته ايران ٻه هفتا اڳ ڳالهيون ڇو نه ڪيون؟ اڄ جو مان ۽ هڪ هفتو اڳ وارو مان، اُن ۾ وڏو فرق آهي.
هن چيو ته ايران ڳالهيون ڪرڻ لاءِ چيو، مون کين چيو ته هاڻ گهڻي دير ٿي چُڪي آهي، انهن چيو ته هو وائٽ هائوس اچڻ چاهين ٿا.
سندس چوڻ هو ته ايران حملن کان سخت پريشان آهي ۽ هاڻ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ چاهي ٿو، ايران ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي پر سوال اهو آهي ته هنن ڳالهيون تباهي کان اڳ ڇو نه ڪيون؟
هن وڌيڪ چيو ته مان ڇا ڪرڻ چاهيان ٿو، اهو ڪنهن کي به خبر ناهي، مون اسرائيلي وزيراعظم کي چيو آهي ته پنهنجو ڪم جاري رکو، آمريڪا پاران اسرائيل کي وڌيڪ مدد ڏيڻ جو ڪو اشارو ناهي ڏنو ويو.
جڏهن کانئس ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي بابت پڇيو ويو ته هن صرف چيو: ”گڊ لڪ“.
آمريڪي صدر چيو ته ايندڙ هفتو اهم ٿي سگهي ٿو، شايد ان کان اڳ به ڪا وڏي ڪارروائي ٿي وڃي، مان نٿو چئي سگهان ته هي سڀ ڪيتري دير هلندو.
ٽرمپ چيو ته آمريڪا ايران جي جوهري اثاثن تي حملو ڪندو يا نه، ان بابت ڪجهه به نٿو چئي سگهجي، ڏسون ٿا ته ڇا ٿو ٿئي، معاملو اڃا ختم ناهي ٿيو، اسان ايران تي حملو به ڪري سگهون ٿا، نه به ڪري سگهون ٿا.
هن چيو ته اسان ايران کي 60 ڏينهن جو وقت ڏنو هو، ايران کي ڪيترائي ڀيرا جوهري معاهدي بابت چيو ويو، پهرئين دور ۾ به چئي چڪا آهيون ته ايران وٽ جوهري هٿيار نه هجڻ گهرجن.
ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران جو دفاع ناڪام ٿي چڪو آهي، انهن وٽ فضائي دفاع نه رهيو آهي، ايران کي اڳتي هلي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو، اسان ايران جي دفاعي سگهه ختم ڪري ڇڏي آهي.
ايران ڳالهين جو ٿو چئي پر هاڻ گهڻي دير ٿي چڪي آهي، حملو به ڪري سگهون ٿا: ٽرمپ
You might also like