جج طاقت آڏو جهڪڻ وارن جي نشاندهي ڪن: جسٽس منصور جو عدليا بابت اهم فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه سروس ڪيس بابت عدليا سان لاڳاپيل اهم فيصلو ڏيندي چيو آهي ته ججن جو فرض آهي ته هو پنهنجي صفن ۾ طاقت آڏو جهڪڻ وارن جي نشاندهي ڪن.
جسٽس منصور علي شاهه پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته ججن کي گهرجي ته هو اخلاقي وضاحت سان اهڙو قدم کڻن، اندروني تنقيد آئين سان وفاداري جو بنياد آهي، بي وفائي ناهي.
هن لکيو ته اهڙن ماڻهن کي للڪارڻ عدالتي اداري جي خدمت جو اعليٰ درجو آهي، ججن کي ايمانداري ۽ بهادريءَ سان ڪم ڪرڻو آهي، ججن کي اندرين ۽ ٻاهرين هر قسم جي مداخلت جو مقابلو ڪرڻو آهي.
فيصلي موجب ججن کي عدليا ۽ قانون جي حڪمراني جي لتاڙ وارن خطرن جي سامهون بيهڻو پوندو، ججن کي ننڍن ۽ ٿورن وقتن وارن فائدن جي لالچ کان بچڻ گهرجي، ڇو ته اهڙا فائدا صرف وهم ۽ عارضي هوندا آهن.
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته جج جو اصل انعام اداري جي وقار ۽ عوام جي اعتماد کي برقرار رکڻ ۾ آهي، تاريخ انهن ماڻهن کي ياد رکندي، جيڪي اصولن جي دفاع ۾ ثابت قدم رهيا.
هن چيو ته تاريخ انهن ججن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي، جيڪي پنهنجي آئيني ذميواري ڇڏين ٿا، تاريخ اهڙن ججن کي ناانصافيءَ جي ساٿي طور ياد رکندي، سپريم ڪورٽ رڳو تڪرارن جي حل لاءِ فورم نه آهي پر اها قوم جو آئيني ضمير به آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.