مودي ڪشمير مسئلي تي آمريڪي ٽياڪڙي قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو: ڀارت جي دعويٰ

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پرڏيهي کاتي جي سيڪريٽري وڪرم مسري دعويٰ ڪئي آهي ته وزيراعظم نريندر مودي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ٽيليفونڪ گفتگو ۾ واضح ڪيو آهي ته ڀارت ڪڏهن به ڪشمير مسئلي تي ڪنهن ٽين ڌر جي ٽياڪڙي قبول نه ڪندو.
مسري موجب اها گفتگو 35 منٽن تائين جاري رهي، مودي ٽرمپ کي ڀارت جي آپريشن سندور تي بريفنگ ڏني ۽ چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ڪنهن سطح تي ٽياڪڙي تي ڪا ڳالهه نه ٿيندي.
هن اها به دعويٰ ڪئي ته پاڪستان سان تازي جنگبندي فوجي رابطي ذريعي ٿي.
وڪرم مسري موجب صدر ٽرمپ نريندر مودي جي موقف کي سمجهيو ۽ دهشتگردي تي ڀارت سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.