اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آن لائن ٽيڪسي سروس ڪريم پاڪستان ۾ آپريشنز بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
تقريبن 10 سالن تائين پاڪستان ۾ آپريشن جاري رکڻ ۽ پنهنجي سروسز ڏيڻ کانپوءِ آن لائن ٽيڪسي سروس ڪريم پاڪستان ۾ پنهنجي رائيڊ هيلنگ سروس بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
اهڙو اعلان ڪريم ڪمپني جي سي اي او مدثر شيخه پنهنجي لنڪڊ اِن پوسٽ ۾ ڪيو ۽ چيو ته انتهائي افسوس سان اهو اعلان ڪري رهيا آهيون ته ڪريم ايندڙ مهيني 18 جولاءِ کان پاڪستان ۾ پنهنجي رائڊ هيلنگ سروس بند ڪري رهي آهي.
هن چيو ته اهو فيصلو انتهائي ڏکيو هو پر پاڪستان ۾ مسلسل بگڙجندڙ معاشي حالتن، وڌندڙ مسابقت ۽ عالمي سيڙپڪاري جي چيلينجن سبب سروس جاري رکڻ ممڪن ناهي رهيو.
واضح رهي ته آن لائن ٽيڪسي سروس ڪريم سال 2015 ۾ پاڪستان ۾ پنهنجي سروس شروع ڪئي هئي ۽ تمام جلد عوام ۾ مقبوليت ماڻي هئي.
You might also like