وفاقي حڪومت پاران سولر پينل تي لاڳو ٽيڪس گهٽائڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سولر پينل تي لاڳو سيلز ٽيڪس گهٽائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سولر پينل تي بجيٽ ۾ لاڳو 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس گهٽائي 10 سيڪڙو ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
هن چيو ته حوڪمت ڪجهه بجيٽ تجويزن تي نظرثاني ڪئي آهي، بجيٽ تي اتحادين سان مشاورت جاري آهي، ڊجيٽل سروسز تي سيلز ٽيڪس صوبن جو حق آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جي يونيورسٽين لاءِ رکيل رقم 2 ارب 60 ڪروڙن مان وڌائي 4 ارب 60 ڪروڙ ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.