”تم ڪو ايڪ شخص ياد آئيگا“ شهنشاهِه غزل مهدي حسن کي وڇڙئي 13 ورهيه وهامي ويا

لاهور (ويب ڊيسڪ) شهنشاهِه غزل مهدي حسن جي کي مداحن کان وڇڙئي اڄ 13 ورهيه وهامي ويا آهن، پر سندس ڳايل غزلن ۽ گيتن جي تازگي اڄ به ڪروڙين دلين مهڪي رهي آهي.
سُرن جي سلطان مهدي حسن جولاءِ 1927ع ۾ ڀارتي رياست راجسٿان ۾ جنم ورتو.
مهدي حسن 1957ع ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان باظابطا گلوڪاري جو سفر شروع ڪيو ۽ راڳ جي دنيا ۾ وڏو نالو ڪمايو.
هن پنهنجي فني سفر دوران 25 هزار کان وڌيڪ فلمي گيت ۽ غزل ڳايا
مهدي حسن کي پاڪستان حڪومت طرفان تمغه حسن ڪارڪردگي ۽ هلال امتياز جهڙن اعليٰ اعزازن سان نوازيو ويو .
راڳ جو هي راڻو ڊگهي علالت کانپوءِ 13 جون 2012ع تي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، پر سندس ڳايل غزل ۽ سر اڄ به مداحن جي دلين ۾ زنده آهن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.