ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي چيو آهي ته پ پ پاڻ کي جمهوريت جي علمبردار چوندي آهي پر اڄ اسيمبلي ۾ ان جو رويو آمراڻو رهيو.
ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي علي خورشيدي چيو ته اسان پيپلز پارٽي جي ان عمل جي مذمت ڪريون ٿا. عوام جون بجيٽ سان اميدون واڳيل هونديون آهن ته ان ۾ سندن مسئلن جي حل لاءِ اسڪيمون اينديون، جڏهن ته سنڌ ۾ گذريل 17 سالن کان پيپلز پارٽي حڪومت ڪري رهي آهي.
هن چيو ته بجيٽ ۾ اهم شهرن جي نمائندن جي تجويزن کي نظرانداز ڪيو ويو، هي بجيٽ سنڌ جي عوام لاءِ ناهي.
اپوزيشن ليڊر جو چوڻ هو ته هي سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن سان واسطو رکندڙ جي نمائندن طرفان پيش ڪيل بجيٽ آهي، جنهن جو شهري سنڌ سان ڪو واسطو ناهي، بجيٽ ۾ مخالف ڌر جي تجويزن کي اهميت نه ڏني وئي.
علي خورشيدي چيو ته سنڌ جي ناڻي واري وزير پري بجيٽ بحث ۾ هڪ ٺهراءُ منظور ڪرايو هو، جڏهن ته وڏي وزير مراد علي شاهه اسيمبلي ۾ ڪوڙو بيان ڏنو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سندن نيت صاف ناهي.
هن چيو ته ماڻهو اسان کي هتي ڊيسڪ وڄائڻ يا تقريرون ڪرڻ لاءِ نه موڪليو آهي، حڪومت جو سربراهه پنهنجي ئي چيئرمين جي ڳالهه نه ٿو ٻڌي.
علي خورشيدي خبردار ڪندي چيو ته اڄ ته رڳو ٽريلر آهي، حڪمران پنهنجو قبلو درست ڪن، پنهنجي قيادت کي غلط رپورٽ ڏيڻ بند ڪن، پيپلز پارٽي جي قيادت پاڻ مانيٽرنگ ڪري.
هن چيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين رڳو تباهي آهي ۽ ان تباهي جو ذميوار وڏو وزير آهي، جن کي شهري سنڌ جي نمائندن جي ڳالهه ٻڌڻي پوندي.
مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته سنڌ اسيمبلي جو ايوان پيپلز پارٽي جي جاگير ناهي، ايران جو مسئلو پوري مسلم دنيا جو مسئلو آهي، اسان کي ايران بابت مذمتي ٺهراءُ پيش ڪرڻ نه ڏنو ويو.
علي خورشيدي وڌيڪ چيو ته هي سنڌ جو نه رڳو پيپلز پارٽي جو وڏو وزير آهي، اسان وزيراعظم سان رابطو ڪنداسين ته جيئن عوامي ڪم مڪمل ٿي سگهن.