وڏي وزير تاريخي بجيٽ پيش ڪئي، مهانگائي جي طوفان ۾ ماڻهن کي رليف ڏنو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته وڏي وزير تاريخي بجيٽ پيش ڪئي آهي، جنهن ۾ گريڊ 1 کان 16 هين گريڊ جي ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته مهانگائي جي هن طوفان ۾ ماڻهن کي رليف ڏنو آهي، صحت ۽ تعليم جي شعبن تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي.
صوبائي وزير چيو ته اڄ اجلاس دوران ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جو ڳٺ جوڙ سامهون آيو، ٻئي جماعتون اسيمبليءَ ۾ احتجاج هڪ آواز هيون.
هن وڌيڪ چيو ته ان ڳٺ جوڙ تي ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ کي مبارڪباد پيش ڪيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.