”بادشاهه اچي ويو“ بابر اعظم جي بِگ بيش ۾ ڌماڪيدار انٽري، سڊني سڪسرز سان معاهدو

سڊني (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ تجربيڪار بيٽر بابر اعظم آسٽريلوي ٽي ٽوئنٽي ليگ ” بِگ بيش “ جي فرنچائز سڊني سيڪسرز سان معاهدو ڪري ورتو آهي.
رپورٽن موجب، بابر اعظم بِگ بيش ليگ جي 15هين ايڊيشن ۾ سڊني سيڪسرز جي نمائندگي ڪندو، پاڪستاني اسٽار مڪمل سيزن لاءِ دستياب هوندو جنهن ۾ فائنل پڻ شامل آهي.
سڊني سڪسرز سان معاهدي تي بابر اعظم خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ” سڊني سڪسرز جو حصو بڻجڻ تي فخر محسوس ڪري رهيو آهيان، ورلڊ ڪلاس بيٽر اسٽيو سمٿ ۽ جوش هيزل ووڊ سان ڊريسنگ روم شيئر ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو پرجوش آهيان، آسٽريليا ۾ تمام گهڻي ڪرڪيٽ کيڏي آهي پر بي بي ايل ۾ ڊبيو جو شدت سان منتظر آهيان.“
ٻئي پاسي سڊني سڪسرز جي جنرل مئنيجر ريچل هائينز پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته بابر اعظم جي سسڪسرز فيملي ۾ آجيان ڪيون ٿا، باصلاحيت ۽ انتهائي تجربيڪار بابر اعظم اسان جي ٽيم لاءِ املهه اثاثو آهي .
هن وڌيڪ چيو ته بابر هڪ ورلڊ ڪلاس ڪرڪيٽر آهي جنهن ۾ ليڊرشپ جو هڙئي خوبيون پڻ آهن، اميد آهي ته مداح بابر اعظم کي سڪسرز جي جرسي ۾ ڏسي خوش ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.