پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار جبري پورهيو ڪرڻ تي مجبور

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) سموري دنيا سميت پاڪستان ۾ به گذريل ڏينهن ٻارن سان جبري پورهيو جي خاتمي جو عالمي ڏينهن  ملهايو ويو، جڏهن ته پاڪستان ۾ اڃا به هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهن، وزيراعظم شهباز شريف هن موقعي تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ترقي پذير ملڪن ۾ ٻارن جي جبري پورهيو تمام گهڻي آهي ۽ پاڪستان ان جي خاتمي لاءِ مؤثر قانون سازي ڪئي آهي،هن چيو ته حڪومت طرفان غذائيت ۽ تعليم جا پروگرام شروع ڪيا ويا آهن، جڏهن ته دانش اسڪول سسٽم ٻارن کي محفوظ تعليمي ماحول مهيا ڪري رهيو آهي، اقوام متحده جي رپورٽ موجب، مزدوري ڪندڙ ٻارن مان اڌ کان وڌيڪ ٻار جبري پورهئي جو شڪار آهن، وزيراعظم زور ڏنو ته سڀ اسٽيڪ هولڊرز حڪومت سان گڏجي ٻارن جو مستقبل محفوظ بڻائين، ڇو ته ٻارن کي تعليم فراهم ڪرڻ ئي قومي ترقي جي ضمانت آهي، ٻئي طرف، انساني حقن جي تنظيمن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ٻارن جي مزدوري جي بنيادي سببن ۾ گهُر ڇُٽي غربت ۽ قانونن تي عملدرآمد جو فقدان شامل آهن، جن جي نتيجي ۾ لکين ٻار پنهنجو ٻالڪپڻ وڃائي رهيا آهن. هوڏان صدرِ آصف علي زرداريءَ چائلڊ ليبر جي خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان کي اها پڪ ڪرڻي پوندي ته ڪو به ٻار غربت جي ڪري مزدوري ڪرڻ تي مجبور نه ٿئي. هن زور ڀريو ته سڀ اسٽيڪ هولڊرز ٻارن سان لاڳاپيل مزدوريءَ جي خاتمي لاءِ عملي قدم کڻن،هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هي ڏينهن ٻارن کي استحصال ۽ جبري پورهئي کان بچائڻ جي ياد ڏياريندڙ آهي، ٻارن کان مزدوري وٺڻ هڪ عالمي چئلينج آهي، جنهن جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي،صدرِ چيو ته پاڪستان ٻارن جي استحصال جي خاتمي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ان مقصد لاءِ مختلف قدمن سميت قانونسازي به ڪئي آهي، جيئن ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ چائلڊ ليبر جي روڪٿام لاءِ موثر قدم کنيا وڃن، آصف علي زرداري چيو ته ملڪ اندر متاثر ٻارن جي سار سنڀال ۽ بحالي لاءِ مؤثر نظام ۽ خدمتي يونٽ قائم ڪيا ويا آهن. قومي سطح تي ادارا قائم ڪيا ويا آهن ته جيئن ٻارن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. هن آجرن تي زور ڏنو ته هو چائلڊ ليبر جي قانونن تي سختيءَ سان عمل ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.