ڪراچي (ارباب چانڊيو) بلاول ڀٽو زرداري ھاڻوڪي بجيٽ تي ڪاوڙ جواظھار ڪندي ملڪ اندر موجود قيادت کي چيوآھي تھ ڪنھن بھ صورت ۾ موجوده بجيٽ منظور ڪرائڻ جي حامي نھ ڀري وڃي.بلاول ڀٽو پاران ڪراچي سميت سنڌ جي منصوبن کي بجيٽ ۾ نظر انداز ڪرڻ تي ڪاوڙ ڏيکاري آھي.پ پ ذريعن مطابق پارٽي چيئرمين 16 يا 17 جون تي ملڪ واپس پھچندو ۽ پارٽي اڳواڻن سان اھم مشاورت ڪندو.اھو بھ امڪان آھي تھ سي اي سي جو اجلاس گھرايو وڃي جتي پرڏيھي ۾ ميڙيل ڪاميابين بابت بلاول ڀٽو زرداري پارٽي کي آگاھي ڏيندو ۽ بجيٽ ۾ سنڌ کي نظر انداز ڪرڻ واري معاملي تي ۽ ن ليگ سان اڳتي لاڳاپن بابت ڳالھايو ويندو.بلاول ڀٽو پاران سنڌ کي بجيٽ ۾ نظر اندا ڪرڻ واري معاملي کي پارٽي اڳواڻن کي اٿارڻ جون ھدايتون بھ ڪيون آھن.ٻئي پاسي ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ جيڪو پ پ پ عورت اڳواڻن سان ن ليگ پاران ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو ان تي بھ پارٽي چيئرمين چڙيل آھي.پارٽي اڳواڻن کي وزيراعظم سان رابطو ڪري بلاول ڀٽو جي ناراضگي بابت آگاھي ڏيڻ جو بھ چيو ويوآھي.ايم ڪيو ايم بھ ڪراچي واري معاملي تي ناراض آھي ۽ وزيراعظم سان ڳالھائيندي. پ پ جي ھڪ اڳواڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو تھ ن ليگ سگھاري ٿيندي آھي تھ ڳلو پڪڙيندي آھي ڪمزور ٿيندي آھي تھ گوڏا پڪڙيندي آھي.ھن وقت جڏھن بلاول ڀٽو زرداري ڀارتي جنگي جنون خلاف ملڪ جي لاءِ سفارتڪاري ڪري رھيوآھي تھ ھتي ان جي ئي صوبي کي بجيٽ ۾ مڪمل نظرانداز ڪيو ويوآھي.ڪي فور منصوبي ۽ موٽروي جي لاءِ رکيل رقم اٺ جي وات ۾ زيري برابر آھي.بلاول ڀٽو پنھنجي ترجمانن کي چيوآھي تھ ن ليگ سان سختي سان ڳالھايو وڃي.اگر مسلم ليگ ن راھ تي نھ ٿي اچي تھ پوءِ ايندڙ حڪمت عملي ڇا ھوندي سو ڏسڻو پوندو.ان جي ڪري سخت جواب ڏيڻ لاءِ پ پ جي اھم ويھڪ اسلام آباد ۾ ايندڙ ھفتي ٿيڻ واري آھي.