پي سي بي جو سليڪشن ڪميٽي بابت وڏو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) موجوده قومي سليڪشن ڪميٽي کي برقرار رکڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
پي سي بي ترجمان جو چوڻ آهي ته بورڊ طرفان ڪميٽي ۾ رڳو ڊيٽا اينالسٽ کي تبديل ڪيو ويو آهي جنهن وٽ ٽيم سليڪشن دوران ووٽنگ جو اختيار نه هوندو.
ترجمان جو چوڻ هو ته حسن چيما جي جاءِ تي عثمان هاشمي کي ڊيٽا اينالسٽ مقرر ڪيو ويو آهي.
ترجمان موجب، موجوده سليڪشن ڪميٽي جي ميمبرن ۾ عاقب جاويد، عليم ڊار، اسد شفيق ۽ اظهر علي شامل آهن.
ترجمان وڌيڪ چيو ته سليڪشن ڪميٽي حتمي ٽيم جو اعلان ڪرڻ کان اڳ هر فارميٽ جي هيڊ ڪوچ ۽ ڪپتان سان صلاح مشورو ڪرڻ جي پابند هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.