لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظميٰٰ بخاري سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن اوهان سنڌ ۾ ڪو سٺو سسٽم آندو آهي ته پوءِ شاباش، هاڻ گهٽ ۾ گهٽ ڪراچي جو ڪچرو ته صاف ڪيو.
عظميٰٰ بخاري چيو ته شرجيل ميمڻ جهڙا ماڻهو تڪبر ۽ غرور سان ڀريل آهن، جيڪي ٻه ٽرم يا ٽي ٽرم کان اقتدار جا مزا وٺي رهيا آهن، پر سندن ڪارڪردگي مڪمل طور تي ٻُڙي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته مريم نواز پاڪستان جي تاريخ جي پهرين عورت وزيراعليٰ بڻجي عاجزي ۽ خدمت کي پنهنجو مقصد بڻايو ۽ سندس اها نهٺائي ئي سندس مقبوليت جو اصل ڪارڻ آهي.
عظميٰٰ بخاري چيو ته مريم نواز جي حڪمراني واري انداز جا سنڌ جا ماڻهو به ديوانا آهن ۽ اِها ڳالهه ئي شرجيل ميمڻ جو اصل مسئلو آهي.
پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير چيو ته مريم نواز سان ڪارڪردگيءَ ۾ مقابلو ڪريو، ساڙ ڪرڻ يا بيانن جي سياست جو ڪو به فائدو نه آهي. اوهان جي چوڻ آهي ته سنڌ ۾ سٺو نظام آندو آهي ته پوءِ شاباش هاڻي ڪراچي جي گندگي ته صاف ڪيو.“
هن وڌيڪ چيو ته پنجاب جي ڳڻتي ڪرڻ لاءِ پنجاب جا پنهنجا وارث موجود آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ ويهي تڪبر ڪندڙ ماڻهن کي سنڌين حالت تي رحم ڪرڻ گهرجي.
عظميٰٰ بخاري چيو ته مسلم ليگ (ن) ماضي ۾ به پنجاب ۾ مضبوط بلدياتي نظام آندو هو ۽ انشاءَالله هاڻ به آڻيندي.
هن وڌيڪ چيو ته جنهن جماعت کي پنجاب جي صوبائي تڪن مان 400 ۽ يونين ڪائونسل مان رڳو 50 ووٽ ملن تن جو جلد امتحان اچڻ وارو آهي.
Prev Post
You might also like