زندگي ۾ عام تبديلي آڻي وڏي حد تائين دل جي دوري جا خطرا گهٽائي سگهجن ٿا

دل جي رڳن ۾ رت جو وهڪرو گھٽجي وڃڻ يا بلاڪ ٿيڻ کي دل جو دورو چئبو آهي، جيڪو زندگي لاءِ انتهائي خطرو آهي. رڳن ۾ سڻڀ، ڪوليسٽرول ۽ ٻئي مواد جو گڏجڻ رت جي وهڪري کي روڪي ٿو، جنهن کي plaque چوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ان جي ڪري رت ۾ ڪلاٽ ٺهي ويندا آهن، جن سان دل تائين رت جي فراهمي متاثر ٿئي ٿي. پر هڪ سادي طرز زندگي ۾ تبديلي آڻڻ سان دل جي دوري جو خطرو وڏي حد تائين گھٽائي سگهجي ٿو.

نئين طبي تحقيق موجب روزانو 30 منٽن جي نارلم ورزش ڪرڻ سان دل جد دورو جو خطرو 60 سيڪڙو تائين گھٽجي سگهي ٿو. هي تحقيق جرنل "سرڪوليشن” ۾ ڇپي آهي آهي، جنهن ۾ نيويارڪ جي 600 کان وڌيڪ مريضن کي شامل ڪيو ويو، جن کي اڳ ۾ دل جي دوري يا دل جا ٻيا مرض ٿيا هئا. انهن مريضن جي جسماني سرگرمين ۽ ننڊ کي ٽريڪ ڪرڻ لاءِ ڊيوائيسز استعمال ڪيون ويون.

تحقيق مان خبر پئي ته جيڪڏهن ماڻهو ڏينهن ۾ 10 ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت ويٺا رهن يا ڊگها وقفا وٺي ويٺا رهن ته دل جي مرضن جو خطرو وڏي حد تائين وڌي ويندو آهي. محققن سوالنامن ذريعي ماڻهن کي مختلف گروپن ۾ ورهايو، جهڙوڪ گهڻو ويٺا رهڻ وارا ۽ معتدل يا سخت جسماني سرگرمين وارا گروپ.

نتيجن موجب روزانو ورزش کي معمول بڻائڻ سان دل جي بيمارين ۽ دل جي دوري جو خطرو 60 سيڪڙو تائين گهٽجي وڃي ٿو. سڀني کان وڌيڪ فائدو انهن کي ٿئي ٿو جيڪي ڪنهن به قسم جي ورزش ڪندا آهن. ساڳئي وقت، سٺي ننڊ به دل جي صحت لاءِ فائديمند آهي.

محققن ٻڌايو ته سستي ۽ غير متحرڪ زندگي دل جي شريانن لاءِ نقصانڪار آهي، خاص ڪري انهن ماڻهن لاءِ جيڪي اڳ ۾ دل جي بيمارين جو شڪار هجن. ورزش دل جي شريانن جي صحت بهتر بڻائي ٿي، رت جو دٻاءُ گھٽائي ٿي ۽ مزاج تي خوشگوار اثر وجهي ٿي، جنهن سان دل جي دوري کان بچاءُ ممڪن ٿئي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.