لنڊن (ويب ڊيسڪ) ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ ڏکڻ آفريڪي بالرن آڏو آسٽريلوي بيٽرن جي هڪ نه هلي ۽ سموري ٽيم پهرين اننگز ۾ رڳو 212 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
لارڊز جي تاريخي ميدان تي جاري فائنل ميچ جي پهرئين ڏينهن ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان ٽمبا باووما ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو صحيح ثابت ٿيو.
ميچ جي شروعاتي سيشن ۾ ئي آفريڪي بالرن آسٽريليا جي بيٽرن کي سيٽ ٿيڻ جو موقعو نه ڏنو ۽ صرف 12 رنسن جي مجموعي اسڪور تي عثمان خواجا کاتو کولڻ کان اڳ ئي پويلين واپس هليو ويو.
ان کانپوءِ ڪئمرون گرين به رڳو 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.
مارنس لبيوشين ۽ اسٽيو سمٿ اننگز کي ڪجهه سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي، پر 46 رنسن تي مارنس به 17 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو.
آسٽريليا طرفان بيئو ويبسٽر 72 ۽ اسٽيو سمٿ 66 رنسن سان نمايان رهيا، جڏهن ته ٻين رانديگرن مان ٽريوس هيڊ 11، اليڪس ڪيري 23، ڪپتان پيٽ ڪمنز ۽ مچل اسٽارڪ 1-1 رنس جڏهن ته نيٿن ليون ٻُڙي تي آئوٽ ٿيو.
ڏکڻ آفريڪا طرفان ڪگييسو ربادا شاندار بالنگ ڪندي 5 وڪيٽون حاصل ڪيون، مارڪو ينيسن 3، ڪيشو مهاراج ۽ ايڊن مارڪرم 1-1 وڪيٽ ورتي.