پنجاب حڪومت نفرت ۽ ورهائڻ واري سياست کي هٿي ڏئي رهي آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پنجاب حڪومت نفرت ۽ ورهاست تي ٻڌل سياست کي هٿي ڏئي رهي آهي، جيڪا جهموريت ۽ عوامي حقن جي ابتڙ آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته هاڻي اهو تاثر ختم ڪرڻو پوندو ته پنجاب ڪنهن هڪ سياسي جماعت جي جاگير آهي.
هن چيو ته موجوده پنجاب حڪومت جو رويو تڪبر تي ٻڌل آهي، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جهموريت، مقامي حڪومتن ۽ عوامي نمائندگيءَ تي يقين رکي ٿي.
هن سوال اُٿاريندي چيو ته ڇا مڪاني چونڊن جو مطالبو آئين جي خلاف آهي؟ ڇا پنجاب ۾ عوام کي سندن بنيادي حقن کان آگاهي ڏيڻ ڏوهه آهي؟
شرجيل ميمڻ واضح ڪيو ته پيپلز پارٽي هڪ وفاقي جماعت آهي ۽ رڳو سنڌ تائين محدود نه آهي. هن چيو ته سندن جماعت هميشه جهموريت، مڪاني ادارن جي مضبوط ڪرڻ ۽ اختيارن جي هيٺئين سطح تائين منتقلي جي حمايت ڪندي آئي آهي.
صوبائي وزير جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ مقامي ادارا غيرفعال آهن ۽ اتي هيٺئين سطح تي به جوابداريءَ جو ڪو نظام موجود ناهي، جنهن ڪري پيپلز پارٽي خاموش تماشائي نه رهندي.
هن چيو ته پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جي سياسي موجودگي برقرار آهي، ڪارڪن اڄ به گهٽين، پاڙن ۾ عوام سان گڏ بيٺل آهن ۽ مڪاني نظام جي بحالي عوام جو آئيني حق آهي، جنهن لاءِ جدوجهد جاري رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.