آمريڪا دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي اهم ڀائيوار قرار ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه جنرل مائيڪل ايرڪ ڪوريلا پاڪستان کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هڪ اهم دار قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان سان انٽيليجنس سهڪار جي نتيجي ۾ داعش خراسان کي وڏو ڌڪ رسيو آهي.
آمريڪي سينيٽ جي آرمڊ سروسز ڪميٽيءَ ۾ ڳالهائيندي جنرل ڪوريلا چيو ته داعش خراسان هن وقت عالمي سطح تي سڀني کان وڌيڪ سرگرم دهشتگرد تنظيمن مان هڪ آهي، جڏهن ته پاڪستان پنهنجي محدود وسيلن باوجود ان خلاف ڪارروائين ۾ فعال ۽ اثرائتو ثابت ٿيو آهي.
جنرل ڪوريلا اعتراف ڪيو ته پاڪستان سان ويجهي انٽيليجنس سهڪار جي نتيجي ۾ داعش خراسان جي درجنين دهشتگردن کي يا ته ماريو ويو آهي يا گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهنتنظيم جا گهٽ ۾ گهٽ پنج انتهائي خطرناڪ ۽ گھربل اڳواڻ پڻ شامل آهن.
سندس چوڻ هو ته پاڪستاني اختيارين طرفان انٽيليجنس شيئرنگ ذريعي آمريڪا کي ڪيئي اهم ڪاميابين حاصل ٿيون، جن مان هڪ 2021ع جي ايبي گيٽ بم ڌماڪي جي ماسٽر مائينڊ جعفر جي گرفتاري ۽ حوالگي به شامل آهي.
جنرل ڪوريلا چيو ته ان گرفتاري کان ترت پوءِ پاڪستان جي آرمي چيف جنرل عاصم منير ذاتي طور تي مون سان رابطو ڪري اطلاع ۽ تفصيل ڏنا.
سربراهه سينٽ ڪام جو چوڻ هو ته پاڪستان محدود پر اثرائتي انٽيليجنس شيئرنگ ذريعي داعش خلاف آپريشن جاري رکيو پيو اچي.
جنرل ڪوريلا خبردار ڪيو ته داعش خراسان هن وقت پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحدي علائقن ۾ سرگرم آهي، جتي امن امان جي صورتحال گهڻي پيچيده آهي.
هن ٻڌايو ته 2024ع جي شروعات کان هيل تائين پاڪستان جي اولهندي علائقن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ دهشتگرد حملا ٿيا، جن ۾ اٽڪل 700 سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ عام شهرين حياتيون وڃايون، جڏهن ته 2500 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.
جنرل ڪوريلا اِهو پڻ چيو ته دهشتگردي خلاف پاڪستان جو ڪردار عالمي تناظر ۾ انتهائي اهميت وارو آهي، اسان کي پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي سان لاڳاپا رکڻا پوندا.
هن وڌيڪ چيو ته مان نه ٿو سمجهان ته اِهو ڪو اهڙو واضح فيصلو آهي ته جيڪڏهن ڀارت سان لاڳاپا قائم آهن ته پاڪستان سان سهڪار نه ٿو ڪري سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.