دادو پوليس جون مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون، ست منشيات ڊيلر گرفتار

دادو (ويب ڊيسڪ) دادو پوليس منشيات فروشن خلاف وڏي ڪارروائي ڪندي ست منشيات ڊيلر گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس موجب، دوداڻي موري، نجم ڪالوني، پنج مور ۽ مرکپور سميت مختلف علائقن ۾ ڇاپا هنيا ويا، جن دوران منشيات جي وڪري ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.
گرفتار ٿيندڙ جوابدارن ۾ علي رضا ڀنڊ، امجد، محمد صادق، نعيم، ذيشان سومرو، عبدالجبار سيال ۽ ساجد ڀنڊ شامل آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.
پوليس جو اهو به چوڻ هو ته منشيات جي روڪٿام لاءِ اهڙيون ڪارروايون مستقبل ۾ به جاري رهنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.