عمران خان آڏو پنج شرط،ڇا پورا ڪري سگهندو؟

اسلام آباد(منيب فاروق) پي ٽي آئي جي اوورسيز  ميمبر جھانزيب خان ان چيو آھي تھ تنوير احمد وسيلي عمران خان آڏو 35 شرطرکياويا  جيڪي بعد ۾ گھٽجي پنج رھجي ويا.جن ۾ ھڪ 9 مئي واقعي تي معافي نھ پر اظھار افسوس ڪرڻ ھيو.ٻيو مينڊيٽ جي واپسي جو مطالبو نھ ڪندو. ٽيون اسٽيبلشمنٽ تي تنقيد نھ ڪندو پر گڏجي ڪم ڪندو. اھي شرط ڏسجن تھ ٻاراڻا لڳن ٿا ان ڪم لاءِ تھ عمران اڳ ئي تيار آھي چوٿين شرط تھ پنھنجي اسپيس پاڻ ٺاھيندو. سو ھتي تھ ھرڪوئي اسٽيبلشمنٽ جي مرضي سان اسپيس ٺاھيندوآھي ان بغير ڪم ھلي نھ ٿو سگھي. پنجون شرط تھ جلسا جلوس نھ ڪندو. هاڻي سوال آھي تھ جيڪو ماڻھو عمران خان کي سڃاڻي ٿو اھو اھڙا شرط پورا ڪري سگھي ٿو؟ٻئي پاسي پي ٽي آئي ھاڻي مزاحمتي دڳ وٺڻ جو فيصلو ڪيوآھي. امڪان آھي تھ فيلڊ مارشل جي آمريڪي دوري دوران اتي احتجاج ڪيو ويندو. ٻئي پاسي بجيٽ تي ڳالھائجي تھ ٿوري عرصي دوران ئي 600 ارب روپيا پگھاردار طبقي کان ٽيڪس ۾ وصوليا ويا آھن.ڪاروباري طبقي جي پيسن کي ڏسجي تھ اھي تمام ٿورڙا آھن. مصطفيٰ نواز کوکر ٽوئٽ ڪئي آھي تھ حڪومت کي وڏو فائدو مليوآھي جو وياج شرح  22 سيڪڙو کان 11 سيڪڙو تي کڻي آيا آھن. پر ان جو فائدو عام ماڻھو کي نھ پھتوآھي.سو پيسا بھ بچن پيا سڀ ٺيڪ آھي تھ ماڻھو خط غربت جي لڪير کان ھيٺ ڇو پيا وڃن؟ٻئي پاسي بيروزگاري ۾ واڌ ڇو ٿي آھي؟في الحال ھن حڪومت وٽ ڏيکارڻ لاءِ ڪجھھ بھ ناھي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اربع 11 جون 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.