ڪراچي: سرجاني ٽائون ۾ گهر مان ماءُ ۽ پٽ جا لاش هٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي سرجاني ٽائون ۾ ڪريمي چوڪ ڀرسان هڪ گهر مان ماءُ ۽ پٽ جا لاش هٿ آيا، جڏهن ته مڙس زخمي حالت ۾ هٿ آيو.
پوليس موجب گهر مڪمل طور اندر کان بند هو، جيڪو پاڙيسرين جي مدد سان کوليو ويو، اندران عورت ثناءَ ۽ سندس معصوم پٽ محمد علي جو لاش مليو، جڏهن ته فيصل شديد زخمي حالت ۾ موجود هو.
گهر ۾ مقتولا جون ٻه ڌيئرون بريره ۽ ايمل محفوظ رهيون، ٻارڙين جي شروعاتي بيانن مطابق هو رات جو ستيون ۽ غير معمولي طور دير سان اٿيون، جنهن مان شڪ پيو ظاهر ٿئي ٿو ته ممڪن آهي ته کين نشي آور دوا ڏني وئي هجي.
پوليس موجب زخمي فيصل کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، شڪ آهي ته هن ئي واردات ڪئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.