” مهڻن کان بچڻ لاءِ خانداني نالو بدلائڻ بابت سوچيو هو“ آرنلڊ جي پٽ جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڪيئليفورنيا (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪار آرنلڊ شوارزنيگر جي پٽ پيٽرڪ شوارزنيگر انڪشاف ڪيو آهي ته هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن ۾ نالي بدلائڻ بابت سنجيدگيءَ سان غور ڪيو هو ته جيئن ”پنهنجا نوازي“ واري تاثر کان بچي سگهجي.
”ايڪٽرز آن ايڪٽرز 2025“ جي ايڊيشن دوران پيءُ پٽ وچ ۾ ٿيل مڪالمي دوران آرنلڊ، پيٽرڪ کان پڇيو ته ڇا ڪڏهن کيس محسوس ٿيو ته شوارزنيگر نالو سندس ڪيريئر ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ رڪاوٽ بڻيو؟
ان سوال جي جواب ۾ پيٽرڪ چيو ته ” ها، اهڙو وقت آيو هو، مون سوچيو ته نالو مٽائي ڇڏيان ته جيئن ماڻهو نه چون ته مان رڳو پنهنجي پيءُ جي نالي تي ڪردار حاصل ڪري رهيو آهيانم مون کي ڳڻتي هئي ته ڪاسٽ ٿيڻ تي ماڻهو ڇا سوچيندا.“
پيٽرڪ وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته ” ان وقت خيال آيو ته ڪو فرضي نالو اختيار ڪري اڳتي وڌان، پر پوءِ محسوس ٿيو ته مان پنهنجو الڳ رستو ٺاهيان، توهان جي پاڇي مان نڪرڻ بدران پنهنجو انداز اپنائڻ بهتر آهي.“
آرنلڊ شوارزنيگر مُرڪندي چيو ته ” مان خوش آهيان ته تو نالو نه بدلايو، ڇو ته هاڻي مان تنهنجي ڪاميابي جو ڪريڊٽ کڻي سگهان ٿو.“
هن وڌيڪ چيو ته ” تو پنهنجي صلاحيتن سان پاڻ کي مڃايو، ان ڪري ’پنهنجا نوازي‘ وارو گوڙ پاڻمرادو ختم ٿي ويو. اڄ تون انهن فنڪارن ۾ شامل آهين جن جي سڃاڻپ پنهنجي ڪم جي بنياد تي آهي.“
ياد رهي ته پيٽرڪ شوارزنيگر 2000ع ۾ معمولي ڪردارن سان فلمي دنيا ۾ قدم رکيو، 2018ع جي فلم ”مڊ نائيٽ سن“ ۾ مک ڪردار نڀايو، جڏهن ته ”دي وائيٽ لوٽس“ جي ٽئين سيزن ۾ شاندار ڪارڪردگي کانپوءِ کيس عالمي سڃاڻپ ملي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.