جنگبندي لاءِ ٽرمپ جي ڪردار کي ساراهيون ٿا، پاڪ – آمريڪا لاڳاپا نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهن: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جنگبندي لاءِ آمريڪي صدر ٽرمپ جو اهم ڪردار ساراهه جوڳو آهي، صدر ٽرمپ ثابت ڪيو ته هو امن جو پيامبر آهي.
آمريڪي سفارتخاني ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪو به شڪ ناهي ته پهلگام واقعو ڀارت جو فالس فليگ آپريشن هو، پاڪستان ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ به تمام گهڻو صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو، آمريڪي صدر ٽرمپ گرم ۽ سرد ٻنهي قسمن جي جنگين جي خلاف آهي ۽ جنگبندي ۾ سندس ڪردار انتهائي اهم رهيو، جنهن کي ساراهيون ٿا.
هن چيو ته صدر ٽرمپ ثابت ڪيو ته هو امن جو پيامبر آهي، امن کي هٿي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ سندس ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، ڇڪتاڻ واري صورتحال جي خاتمي ۽ جنگبندي لاءِ دوست ملڪن جا به ٿورائتا آهيون.
سندس چوڻ هو ته اسان پهلگام واقعي تي ڀارت کي غير جانبدار عالمي جاچ جي آڇ ڪئي پر ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو، ڀارت عورتن ۽ ٻارن کي به نشانو بڻايو، ان جي جواب ۾ پاڪستان پنهنجو بچاءُ ڪندي ڀارت جا ڇهه جهاز ڪيرايا، پاڪستان هميشه خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جو خواهشمند رهيو آهي.
آخر ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو سڄو ڌيان معيشيت کي مضبوط ڪرڻ تي آهي، آمريڪا سان اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ٽيرف جي مسئلي سميت واپار ۾ واڌاري لاءِ اڳڀرايون جاري آهن، پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهن، ٻئي ملڪ جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي تي يقين رکن ٿا ۽ اسان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.