رائل چئلينجرز بئنگلورو جي فتح جو جشن ماتم ۾ تبديل، 11 ڄڻا اجل جو شڪار، ڪيترائي مرڻينگ

بئنگلورو (ويب ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي فرنچائز رائل چيلنجرز بئنگلورو جي تاريخي فتح جي جشن دوران ڀاڄ جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا فوت ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، رائل چيلنجرز بئنگلورو جي ٽيم طرفان 18 ورهين کانپوءِ پهريون ڀيرو ٽائيٽل کٽڻ تي چناسوامي اسٽيڊيم جي چوڌاري هزارين مداح جشن ملهائڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا، جتي وڏي رش سبب افراتفري مچي وئي.
ڀاڄ دوران فوت ۽ زخمي ٿيندڙ ۾ عورتون ۽ ٻار پڻ شامل آهن، زخمين کي ويجهن اسپتالن ڏانهن نيو ويو آهي جتي ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن رائل چيلنجرز بئنگلورو فائنل ۾ پنجاب ڪنگز کي سخت مقابلي بعد 6 رنسن تان شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو هو.
بئنگلورو ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 9 وڪيٽن جي نقصان تي 190 رنس ٺاهيون هيون، جنهن جي جواب ۾ پنجاب ڪنگز جي ٽيم 184 رنس ٺاهي سگهي ۽ ڇهن رنسن تان ميچ هارائي ويئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.