جيڪو چاهيو صرف اُهو ڏسو، ٽِڪ ٽاڪ” فار يو “ فيڊ کي تبديل ڪري ڇڏيو

سوشل ميڊيا ايپ ٽِڪ ٽاڪ پنهنجي واهپيدارن لاءِ نئين تبديلي متعارف ڪرائيندي اهڙا فيچرز شامل ڪري ڇڏيا آهن، جيڪي ايپ جي استعمال جو تجربو مڪمل طور بدلائي ڇڏيندا.
ٽڪ ٽاڪ طرفان فار يو فيڊ کي ذاتي ترجيحن موجب ترتيب ڏيڻ لاءِ ”منيچ ٽاپڪس“ ۽ ”سمارٽ ڪي ورڊ فلٽرز“ نالي فيچرز متعارف ڪرايا پيا وڃن، جن جي مدد سان واهپيدار طئي ڪري سگهندا ٿا ته ڪهڙي قسم جو مواد وڌيڪ يا گهٽ ڏيکاريو وڃي.
واضح رهي ته ”فار يو“ فيڊ اهو سيڪشن آهي، جتي ٽِڪ ٽاڪ جو الگورٿم صارف جي دلچسپين ۽ ڏسڻ جي عادتن جي بنياد تي وڊيوز تجويز ڪندو آهي.
”نيچ ٽاپڪس“ فيچر ذريعي واهپيدار ٽڪ ٽاڪ جي سيٽنگز ۾ وڃي 10 موضوعن کي سلائيڊرز ذريعي ترتيب ڏئي سگهن ٿا، جنهن سان کين انهن موضوعن تي ٻڌل وڊيوز گهٽ يا وڌيڪ نظر اينديون.
هتي اِها ڳالهه پڻ ياد رکڻ گهرجي ته ڪنهن به موضوع کي مڪمل طور ختم نه ٿو ڪري سگھجي، پر ان ڳالهه تي ڌيان ڏنو ويندو ته واهپيدار ڪهڙا موضوع وڌيڪ پسند ڪري ٿو.
ٻئي پاسي” سمارٽ ڪي ورڊ فلٽرز“ فيچر ۾ هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي ( اي آءِ ) استعمال ڪندي اهڙن لفظن ۽ هيش ٽيگس کي فلٽر ڪري سگهجي ٿو، جن ۾ واهپيدار جي دلچسپي نه هجي.
ٽڪ ٽاڪ طرفان فلٽر ٿيل ڪي ورڊز جي حد وڌائي 200 تائين ڪئي پئي وڃي.
ٽڪ ٽاڪ جي آپريشنز اينڊ ٽرسٽ ڊپارٽمينٽ جي سربراهه ايڊم پريسر موجب، هي فيچرز واهپيدارن کي اهو اختيار ڏين ٿا ته هو فار يو فيڊ ۾ رڳو اهڙو مواد ڏسن، جيڪو کين پسند هجي،۽ اهڙا ڪي ورڊ يا هيش ٽيگ محدود ڪري سگهن، جن ۾ سندن دلچسپي نه هجي.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته نون فيچرز ذريعي صارفين کي پنهنجي اسڪروولنگ جي عادتن تي وڌيڪ ڪنٽرول حاصل ٿيندو ۽ ايپ جو استعمال وڌيڪ ذاتي ۽ لاڀائتو بڻجي ويندو.
ٽڪ ٽاڪ موجب هي ٻئي فيچرز ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ سڀني واهپيدارن لاءِ دستياب هوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.